اميتاڀ بچن، پريتي زنٽا ۽ ماڌوري ڊڪشت تي ڪيس داخل

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي رياست اتر پرديش جي خوراڪ کاتي پاران ملٽي نيشنل ڪمپني نيسلي تي سندن تيار ڪيل ميگي نوڊلز ۾ خراب مادو ملائڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس نيسلي دهليءَ چيپٽر تي داخل ڪيو ويو جڏهن ته ميگي نوڊلز جي اشتهارن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ ان جي مشهوري لاءِ  اداڪارن اميتاڀ بچن، پريتي زنٽا ۽ ماڌوري ڊڪشت کي الڳ لڳ نامزد ڪيو ويو، اتر پرديش جي خوراڪ کاتي موجب ميگي نوڊلز ۾ مونوسوڊيم جو مقدار گهڻي مقدار ۾ وڌو ويو آهي. مقامي ميجسٽريٽ موجب اداڪارن تي قلم 420،272،273 ۽ 109 تحت ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ميجسٽريٽ موجب اداڪارن خراب نوڊلز کارائڻ تي ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ پرفارمينس ڏني، جڏهن ته نوڊلز کائڻ سبب ماڻهن جي صحت تي تمام خراب اثر پون ٿا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *