امن امان سبب پاڪستان اچي فلم نه ٿا ٺاهي سگهون: مهيش ڀٽ

ڪراچي(شوبز نيوز) ناپا انسٽيٽيوٽ ڪراچي ۾ بالي ووڊ جي مشهور ڊائريڪٽر مهيش ڀٽ پنهنجي ڌيءَ پوجا ڀٽ سام گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جون فلمون بول، خدا ڪي لئي ۽ وار تمام گهڻو متاثر ڪيو ٻنهي ملڪن کي ويڇا ختم ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ قدم اڳتي وڌڻو پوندو ان موقعي تي اداڪاره پوجا ڀٽ جو چوڻ هو ته عاليه هڪ سٺي ۽ ٽيلينٽيڊ اداڪاره آهي ماڻهو تمام جلد هڪ ڀيرو ٻيهر ان کي پردي تي ڏسندا مهيش ڀٽ جو چوڻ هو ته فواد خان، عاطف اسلم کي انڊيا ۾ ماڻهو ڏاڍو پسند ڪن ٿا جڏهن ته انڊيا ۾ پاڪستان خلاف منفي سوچ تي فلمون ٺهنديون آهن ته شرمندگي ٿيندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *