امرتا رائو رڻوير سنگهه کي ڪشور ڪمار جو ٻيو روپ قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره امرتا رائو جيڪا اميتاڀ بچن ۽ شاهه رخ خان جهڙن سپر اسٽارز سان ڪم ڪري چڪي آهي ان جو چوڻ آهي ته آئون رڻوير سنگهه سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي بيچين آهيان ڇو ته هو ليجنڊ اداڪار ڪشور ڪمار جي ياد تازي ڪري ڇڏيندو آهي اها ڳالهه هن هڪ تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي اداڪاره جو چوڻ هو ته مون پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ اميتاڀ بچن ۽ شاهه رخ خان جهڙن سپر اسٽارز ان گڏ ڪم ڪيو، اهي ٻئي مون کي تمام گهڻا پسند آهن پر ان جي باوجود ڪشور ڪمار جي تمام وڏي پرستار آهيان ۽ رڻوير سنگهه جي اداڪاري ڏسي ڪشور ڪمار ذهن ۾ اچي ويندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *