اسپائيڊر مين سيريز جي نئين فلم جولاءِ 2017 ۾ ريليز ڪئي ويندي

آمريڪا(شوبز نيوز)سپر هيرو اسپائيڊر مين جي مداحن کي هاڻي گهڻو انتظار نه ڪرڻو پوندو، اسپائيڊر مين سيريز جي نئين فلم جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. سوني پڪچرز ۽ ماروَل اسٽوڊيوز ۾  سپر هيرو اسپائيڊر مين سيريز ج ي نئين فلم لاءِ 4 ارب ڊالرز جو معاهدو ٿي ويو آهي. اسپائيڊر مين سيريز جي نئين فلم جولاءِ 2017ع ۾ ريليز ڪئي ويندي، والٽ ڊزني ڪمپني جي مارويل اسٽوڊيو جو صدر ڪيوَن فيگي سوني پڪچر سان گڏ فلم جو ڪو پروڊيوسر هوندو. معاهدي تحت اسپائيڊر مين نئين ايندڙ مارويل فلم ۾ ايندو ۽ آئرن مين، ٿور ۽ ڪيپٽن امريڪا سميت ٻيا مارويل ڪريڪٽر وري اسپائيڊر مين فلمن ۾ نظر ايندا. معاهدي بابت جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسپائيڊرمين مارويل جي دنيا ۾ 50 سالن جي تاريخ رکي ٿو، هن ڊيل سان مداحن کي ٻين سمورن هيروز سان گڏ اسپائيڊر مين کي ان جي اصل پنهنجي جاءِ تي ڏسڻ جو موقعو ملندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *