اسٽوڊيوز جي ويراني ڏسي انتهائي ڏک ٿيو آهي: سينيئر اداڪاره ممتاز

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي ماضي جي سپر اسٽار ممتاز چيو آهي ته اسٽوڊيوز جي ويراني ڏسي کيس انتهائي ڏک ٿيو آهي. ممتاز جنهن جي ڪريڊٽ تي امبر، خوشبو ، انتظار ۽ جوش جهڙيون شاهڪار فلمون آهن، اڄڪلهه امريڪا مان پاڪستان آئي آهي، جو چوڻ هو ته اهو وقت وسارڻ جوڳو ناهي جڏهن پاڪستان ۾ شاهڪار فلمون ٺهنديون هيون جيڪي هاڻي نه هئڻ جي برابر ٺهي رهيون آهن. هن سينيئر فلمسٽار اختر شاد جي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلم انڊسٽري جي تباهي ۽ اسٽوڊيوز جي ويراني ڏسي کيس افسوس ٿيو. هن چيو ته هوءِ امريڪا ۾ پر سڪون زندگي گذاري رهي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *