اسان کي ڀارتي فلمن جي مقابلي ۾ پنهنجي فلمن جو معيار بهتر ڪرڻو پوندو؛امبر خان

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا امبر خان چيو آهي ته اسان کي ڀارتي فلمن جي مقابلي ۾ پنهنجي فلمن جو معيار بهتر ڪرڻو پوندو، ماڻهو روايتي فلمون ڏسي بيزار ٿي پيا آهن، هاڻي نون موضوعن تي فلمون ٺاهڻ سان فلم انڊسٽريءَ کي هٿي ملي سگي ٿي، خاص ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته جيڪا شيءِ بهتر هوندي ان کي ماڻهو پسند به ڪندا، ٽيڪنيڪي موضوعن تي ٺهيل ڀارتي فلمون اسان کان بهتر آهن، پر اسان کي انهن کان ڊڄڻ نه گھرجي، هن چيو ته فلم ”نامعلوم افراد“ نون چهرن کي موقعو ڏنو، جنهن ۾ هنن ڀرپور صلاحيتن جو اظهار ڪيو، فلم ڀارتي فلمن جي مقابلي ۾ ڪامياب ثابت ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *