اسان جي سمجھه ۽ سوچ هالي ووڊ فلمن کان مختلف آهي؛ شاهد ڪپور

(شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾عالمي معيار جون فلمون نه پيون ٺهن، آسڪر جو خيال بيوقوفي لڳندو آهي. پنهنجي نئين فلم ”حيدر“ جي مشهوري مهم دوران اداڪار شاهد ڪپور چيو ته بالي ووڊ ان لاءِ آسڪر ايوارڊ نه ماڻيندي آهي جو اسان دنيا جي فلم ڏسندڙن کي نظر ۾ رکي فلمون نه پيا ٺاهيون. تقريب ۾ ڳالهائيندي شاهد ڪپور چيو ته اسان جي فلمي صنعت دنيا ۾ ٻئين نمبر تي آهي، اسان ڪم ڪندي صرف پنهنجي فلم ڏسندڙن کي نظر ۾ رکندا آهيون. اسان جي سمجھه ۽ سوچ هالي ووڊ فلمن کان مختلف آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جون گھٽ اهڙيون فلمون آهن جيڪي هتي ۽ عالمي طور تي ڪامياب ٿينديون. شاهد چيو ته ماڻهو انڊيا ۾ فلمون ٺاهي سوچيندا آهن ته هي آسڪر ايوارڊ لاءِ چونڊبي. مون کي اهڙو خيال بيوقوفاڻو لڳندو آهي ڇو ته انڊيا ۾ مان ماڻهن لاءِ فلمون ڪندو آهيان. هن چيو ته ”حيدر“ ۾ ڪم ان لاءِ ناهي ڪيو ته مون کي ڪنهن ٻئي هنڌ چونڊيو وڃي، پر مان ان ڪري ڪم ڪيو جو انڊيا جا ماڻهو ان کي پسند ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *