ارپتا جي شادي ۾ شاهه رخ خان ۽ سلمان خان وچ ۾ شڪايتون دور ٿي ويون ته مان تمام گهڻو خوش ٿيس؛عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) سلمان ۽ شاهه رخ خان ۾ صلح ٿي وئي آهي پر ٽئي خان کي ان صلح واري رات ننڊ نه آئي، ان جو اظهار هن بي خوف ميڊيا تي به ڪيو، اهو خان ڪو ٻيو نه پر عامر خان آهي جنهن انڪشاف ڪيو ته ارپتا جي شاديءَ  واري رات جڏهن شاهه رخ خان شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ سلمان جي گھر پهتو ۽ اتي هنن ٻنهي جي موجودگيءَ ۾ ارپتا کي پيار ڏنو ته ٻنهي خانن جون شڪايتون دور ٿي ويو ۽ هو هڪ ٻئي سان ٻکين پيا، پر ان رات مون کي ننڊ ڪانه آئي، صحافين سان ڳالهائيندي عامر خان چيو ته مون کي اهو ٻڌي تمام خوشي ٿي ۽ مون کين مبارڪ به ڏني، ان جي ڪو هڪ ڪلاڪ پوءِ ٻنهي جي ڪال آئي ۽ اها ڪال وڊيو ڪال هئي (فيس ٽائم) جنهن جي ڪري اسان ٽنهي گڏجي صبح تائين گپ شپ ڪئي، جنهن ڪري منهنجي سڄي رات جي ننڊ ڦٽي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *