ادڪاره ڪنگنا رناوت فلم ”تينو ويڊز مينو 2“ ۾ ڊبل رول ادا ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوت فلم ”تينو ويڊز مينو 2“ ۾ ڊبل رول ادا ڪندي. سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب ڪنگنا رناوت ڄاڻايل فلم ”تينو ويڊز مينو“ جي سيڪوئل ۾ ڪم ڪري رهي آهي. جنهن ۾ هوءَ ٻن مختلف ڪردارن ۾ نظر ايندي. ان فلم جي ڪهاڻي پهرين فلم جو تسلسل آهي. پهرين فلم جي ڪهاڻي ٻن غيرشادي شده ماڻهن جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪي محبت ۾ مبتلا ٿين ٿا. جڏهن ته ٻي فلم جي ڪهاڻي سندن شادي شده زندگيءَ ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن تي ٻڌل آهي. فلم جي عڪسبندي جلد مڪمل ڪئي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *