اداڪار نيل پيٽرڪ هيرس اڪيڊمي آسڪر ايوارڊ 2015ع جي ميزباني ڪندو

لاس اينجلس (شوبز نيوز)ايمي ايوارڊ يافته اداڪار نيل نيل پيٽرڪ هيرس اڪيڊمي آسڪر ايوارڊ 2015ع جي ميزباني ڪندو، نيل نيل پيٽرڪ ان کان پهرين براڊ وي ٽوني ۽ ٽي وي ايمي ايوارڊ جي ميزباني ڪري چڪو آهي.اڪيڊمي آف موشن پڪچر آرٽس اينڊ سائنس مطابق نيل 87هين اڪيڊمي ايوارڊ جو ميزبان هوندو، جيڪا 22 فيبروري 2015ع تي منعقد ٿيندي. نيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مون کي فخر آهي ته اڪيڊمي ايوارڊ جي ميزباني لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، ايوارڊ شو جي پروڊيوسر ڪريگ زيڊان ۽ نيل مرون آهي. نيل پيٽرڪ هيرس 4 ڀيرا گولڊ گلوب لاءِ نامزد ٿيو، هن چار ايمي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن، آسڪر ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب دنيا جي 225 ملڪن ۾ براءِ راست ڏٺي ويندي، جڏهن ته آسڪر جي نامزدگي جو اعلان 15 جنوري تي ٿيندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *