ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار فرحان اختر هدايتڪار بيجوئي نمهيار جي فلم لاءِ پنهنو وزن وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، نمهيار فرحان خان کي نئين فلم ۾ ڪردار جي مناسبت سان گهٽ ۾ گهٽ 8 ڪلو وزن وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن تي عمل ڪندي هن وزن وڌائڻ واريون ترڪيبون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان فلم جي ڪاسٽ ۾ ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن پڻ شامل آهي. فلم جو پروڊيوسر ونود چوپڙا آهي.