اداڪار غلام محي الدين جي فني ڪيريئر جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي 2015ع جو ڪئلينڊر جاري

لاهور(شوبز نيوز) فلم انڊسٽري جي گرجدار آواز رکندڙ اداڪار غلام محي الدين جي پرستارن سندس فلمي ڪيريئر جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي 2015ع جو ڪئلينڊر جاري ڪري ڇڏيو. اهو ڪئلينڊر ڪراچي جي هڪ مشهور هفتيوار اخبار نگار شايع ڪيو آهي جيڪو ڏسندڙن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. غلام محي الدين پنهنجي ڪيريئر جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي خدا ۽ پنهنجن پرستارن جو شڪريو ادا ڪيو آهي. واضح رهي ته غلام محي الدين جي پهرين فلم ”شڪوه” هئي جيڪا وچولي درجي فلم ثابت ٿي پر کيس اصل شهرت هدايتڪار شباب ڪيرانوي جي فلم ”ميرا نام هي محبت” مان ملي جنهن ۾ سندس هيروئن بابره شريف هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *