اداڪار ششي ڪپور جي حالت خطري کان ٻاهر ، جلد اسپتال مان فارغ ٿي ويندو

ShashiKapoorممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار ششي ڪپور جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، هو جلد اسپتال مان فارغ ٿي ويندو. سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ششي ڪپور جنهن کي سيني ۾ سور سبب 21 سيپٽمبر تي اسپتال آندو ويو هو، جي حالت بهتر ٿي وئي آهي. کيس هڪ ٻن ڏينهن ۾ اسپتال کان گهر منتقل ڪيو ويندو. ان ڳالهه جي تصديق سندس پٽ ڪنال ڪپور پنهنجي بيان ۾ ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته هن جي والد جي حالت ّخطري کان ٻاهر آهي. ششي ڪپور ڪيترين ئي ڀارتي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن جن ۾ جب جب پهول کهلي،حسينه مان جائيگي، سلسله، ڪبهي ڪبهي، ڪالا پٿر شان،، ترشول، سهاگ ۽ بي زبان شامل آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *