اداڪار سلطان راهي مرحوم جي 18 هين ورسي (سڀاڻي) ملهائي ويندي

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي نامياري اداڪار سلطان راهي مرحوم جي 18 هين ورسي (سڀاڻي) 9 جنوري تي ملهائي ويندي.ان موقعي تي مرحوم جا پرستار فاتحه خواني ۽ قرآن خواني جو اهتمام ڪندا جڏهن ته ريڊيو پاڪستان لاهور تان سلطان راهي جي حوالي سان هڪ خاص فيچر نشر ڪيو ويندو جيڪو خالد ابراهيم لکيو ۽ ظهير عباس پروڊيوس ڪيو آهي. سلطان راهي کي 9 جنوري 1997ع تي گوجرانواله ويندي ڌاڙيلن گولي هڻي ماري ڇڏيو هو. مرحوم جا قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. سلطان راهي فلمي ڪيريئر جي شروعات مختصر ڪردارن ۽ فائيٽر جي حيثيت سان ڪئي هئي. اسلم ڊار جي فلم ”بشيرا” کيس شهرت جي اوچاين تي پهچايو هو. مرحوم جي ٻين فلمن ۾ شيرا. ٽيڪسي ڊرائيور، وحشي جٽ، مولا جٽ، طوفان، دل لگي، ان داتا، جاسوس، جيني ڪي سزا، راستي ڪا پٿر، شير خان، ملنگا ۽ قسمت شامل آهن. سلطان راهي عوام خاص طور تي غريبن ۽ پيڙهيل ماڻهن جي پسنديده فنڪار هو ڇاڪاڻ ته هو اهڙن ڪردارن ذريعي عوام جي نمائندگي ڪندو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *