ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره شبانه اعظمي کي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪندي 40 سال مڪمل ٿي ويا. سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق هن فلمي ڪيريئر جي شروعات 1974ع ۾ فلم ”انڪور“ سا ڪئي جيڪا پنهنجي دور جي هٽ ترين فلم هئي. سندس ڪامياب فلمن ۾ ارٿ، سوامي. منڊي، اوتار، منڊي، معصوم، فقيرا، امر اڪبر انٿوني ۽ ٿوڙي سي بي وفائي شامل آهن. شبانه اعظي سماجي ڪمن ۾ وڏي جوش جذبي سان حصو وٺي ٿي ۽ ڊگهي وقت کان مجوان ويلفيئر سوسائٽي سان سلهاڙيل آهي