اداڪاره انوشڪا شرما سلمان خان سان گڏ ڪم نه ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره انوشڪا شرما سلمان خان سان ڪم نه ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي سلمان خان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته سلمان خان بالي ووڊ تي راڄ ڪري ٿو ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ هن لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، واضح رهي ته انوشڪا شرما اداڪار سلمان خان جي ويرات ڪوهلي خلاف بيان بعد ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، پر سندس چوڻ هو ته فلم ”سلطان“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن پروڊيوسر ساڻس رابطو ناهي ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *