اداڪارن لاءِ سٺو دؤر هاڻي شروع ٿيو آهي: راهول ڀٽ

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار راهول ڀٽ چيو آهي ته اداڪارن لاءِ سٺو دؤر هاڻي شروع ٿيو آهي. بالي ووڊ اداڪار راهول ڀٽ پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته پهرئين دؤر ۾ ڪجهه هيرو مقبول هئا، نون اداڪارن کي گهٽ موقعو ملندو هو پر هاڻي اداڪارن لاءِ سٺو دؤر شروع ٿي ويو آهي ۽ بالي ووڊ انڊسٽريءَ ۾ نَون اداڪارن کي موقعو ڏنو وڃي ٿو ته هو پنهنجون صلاحيتون مڃرائين، جڏهن ته هاڻي سٺن موضوعن تي فلمون ٺهڻ شروع ٿي ويون آهن. ان ڪري بالي ووڊ انڊسٽري ۾ مقابلو شروع ٿي ويو آهي، ان جو فائدو اهو آهي ته هرڪو پنهنجي ڪم کي بهتر ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *