اداڪارا نور آمريڪا ۾ پرفارم ڪرڻ کان پوءِ ڏيهه پهچي وئي

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني فلمن ۽ اسٽيج اداڪارا نور آمريڪا ۾ پرفارم ڪرڻ کان پوءِ ڏيهه پهچي وئي آهي، اداڪارا هڪ مهينو اڳ آمريڪا رواني ٿي هئي جتي هن آمريڪا جي مختلفرياستن ۾ پرفارم ڪيو. آمريڪا جي مخلتف رياستن ۾ رهندڙ پاڪستانين سميت مقامي شهرين به نور جي شوز ۾ حصو ورتو، صحافين سان ڳالهائيندي اداڪارا نور چيو ته آمريڪي دورو ثقافتي هو جنهن دوران گھمڻ ڦرڻ جو به موقعو مليو، ان سان گڏوگڏ اتي موجود پاڪستانين ۽ اتان جي رهاڪن تمام گھڻو پيار ڏنو جيڪو وسارڻ جهڙو ناهي، هن چيو ته پرڏيهي دوري ۾ اسان پنهنجي ثقافتي ڪلچر کي اڀارڻ ويندا آهيون. ٻاهرين ملڪن ۾ اسان پاڪستان جا سفير بڻجي ويندا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *