اداڪارا  عمائما ملڪ جي بهترين اداڪاري مان متاثر ٿي ڪيترن فلمسازن عمائما کي ڀارتي فلمن جي آڇ ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز)پاڪستان جي بين لاقوامي شهرت يافتا اداڪارا  عمائما ملڪ جي بهترين اداڪاري مان متاثر ٿي ڪيترن فلمسازن عمائما کي ڀارتي فلمن جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي فلم انڊسٽري جي ٽن فلمساز ادارن پاران عمائما ملڪ کي فلمن جو اسڪرپٽ موڪليو ويو آهي پر عمائما ملڪ پاران ڪنهن به فلم لاءِ هاڪار نه ڪئي وئي آهي ٻئي پاسي عمائما ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  ممبئي ۾ رهائش دوران ڪيترائن ئي فلم ڊائريڪٽرن پاران سندن فلمن ۾ اهم رول ادا ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر هو ڪنهن به فلم کي سائن ڪرڻ لاءِ جلد بازي نه ڪندي سندس چوڻ هو ته هو ڀارت جي ٽن فلمن جو اسڪرپٽ هن وقت تائين پڙهي رهي آهي،  جنهن مان هڪ فلم  جي حوالي سان هو جلدي پنهنجي مداحن کي خوشخبري ڏيندي، عمائما ملڪ جو چوڻ هو ته هو ڀارتي فلمن سان گڏ پاڪستاني فلمن تي به ڌيان  ڌئي رهي آهي  سندس هڪ فلم جي شوٽنگ پاڪستان ۾ جاري آهي  اميد آهي ته هو پنهنجي ايندڙ فلم ۾ ڪردار سان انصاف ضرور ڪري وٺندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *