اجي ديوگن فلم ”فتور“ ۾ مختصر ڪردار ادا ڪندو

ممبئي(شوبز نيوز)اداڪار اجي ديوگن فلم ”فتور“ ۾ مختصر ڪردار ادا ڪندو. ڀارتي ميڊيا مطابق فلم ”فتور“ اڀيشڪ ڪپور ٺاهي رهيو آهي، جنهن جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ ڪترينه  ڪپور، اديتيا راءِ ڪپور ۽ ريکا شامل آهن. اها فلم چارلس ڊڪنز جي ڪلاسيڪي ناول ”دي گريٽ ايڪسپيڪشنز“ مان ورتل آهي. ان فلم ۾ اجي کي مختصر ڪرار ڏنو ويو آهي، جيڪو فلم جي آکاڻي ۾ اهم ڪردار آهي. ان فلم جي شوٽنگ ڪشمير ۾ ٿيڻي هئي پر ٻوڏ سبب شوٽنگ ممبئي ۾ شروع ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *