آنجهاني راج ڪپور جي فلمن جو ريميڪ نٿو ٺاهي سگهجي: رنڌير ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار رنڌير ڪپور چيو آهي ته سندس والد راج ڪپور جي فلمن جو ريميڪ نٿو ٺاهي سگهجي. ڀارتي ميڊيا موجب رنڌير ڪپور پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته هو پنهنجي والد آنجهاني اداڪار راج ڪپور جي فلمن جي ريميڪ جي سخت خلاف آهي، سندس فلمون پنهنجي زماني جون حقيقي ڪلاسڪ فلمون آهن، سندس خيال ۾ ڪو اهڙو فلمساز ناهي جيڪو انهن فلمن کان بهتر ريميڪ ٺاهڻ جي قابل هجي. هن چيو ته پهرين زماني جون فلمون ان دور جي ماڻهن تي ٺاهيون ويون آهن، هاڻي دور ڇو ته بدلجي ويو آهي، ان لاءِ اڄ جون فلمون انهن کان مختلف آهن، هاڻي ايوارڊ پئسو ٺاهڻ جو اهم ذريعو بڻجي چڪا آهن، اداڪار رنڌير ڪپور اداڪاري کان علاوه فلمن ”حنا“، ”ڌرم ڪرم“ ۽ ”ڪل آجڪل“ جون هدايتون پڻ ڏئي چڪو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *