9 لک افعانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ جون تياريون شروع

9 لک افعانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ جون تياريون شروع

خيبرپختون خواھه حڪومت کانپوءِ سنڌ حڪومت به سنڌ ۾ آباد 9 لک افغانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ. ضرب عضب فوجي آپريشن کانپوءِ سنڌ حڪومت کي 10 ارب رپيا ڏيڻ واري وفاقي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ  وفاق اڳيان معاملو اٿارڻ ، 12 ربيع الاول  تي  ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلھه سواري تي پابندي هڻڻ ۽ موبائيل فون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي  اهڙو فيصلو ڪالھه سي ايم هائوس ۾  سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ جي صدارت ۾ امان امان بابت  ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي.  اجلاس ۾  پوليس طرفان ٻڌايو ويو ته شهر ۾ 251 جلوس نڪرندا،  جنهن ۾ 7 اهم ۽ وڏا جلوس هوندا انهن جي حفاظت لاءِ 30 هزار پوليس اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا. جڏهن نئين سال جي آجيان وارين تقريبن جي حفاظت لاءِ 7 هزار پوليس اهلڪار  ڊيوٽي تي مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته  روڊن تي نڪرڻ ، جشن ملهائڻ ۽ فائرنگ ڪرڻ تي پابند ي لڳائي وئي آهي. چوديواري اندر تقريبون ڪيون وينديون. جڏهن ته اجلاس ۾ پشاور وارن اسڪولن تي امڪاني حملن جي حوالي سان به صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ وڏن اسڪولن جي حفاظت لاءِ پوليس ۽ رينجرس کي مقرر ڪرڻ ۽ هڪ ريپڊ فورس تيار ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو آهي جيڪو اطلاع ملندي واقعي واري جاءِ تي پهچي ويندو، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ چيو ته  خيبر پختون خواھ ۾ افغان سرحد ويجھو پاڪستان ۾ پناھ ورتل افغانين کي  پنهنجي وطن موڪلڻ جي خيبرپختون خواھ حڪومت ڳالھه ڪئي آهي ۽ ان لاءِ وفاقي سرڪار کان امداد جي به گھر ڪئي آهي  هن چيو ته اسان جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ 9 لک غير قانوني افغاني آباد آهي جيڪي دهشت گردي سميت ٻين غير قانوني ڪارروائين ۾ ملوث آهن انهن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت به ايندڙ اجلاس ۾ وفاقي سرڪار اڳيان اهو معاملو اٿاريندي. هن چيو ته انهن کي پنهنجي ملڪ واپس موڪليو وڃي هن وقت افغانستان ۾ امن امان آهي. وڏي وزير چيو ته ضرب عضب فوجي آپريشن  کان پوءِ سنڌ ۾ امن امان تي ضابطو آڻڻ لاءِ وفاقي سرڪار 10 ارب رپين جي مالي امداد، هٿيار ۽ جديد سامان ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو. جيڪو وفاقي سرڪار اڃا نه پاڙيو آهي. هن چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ مرڪز اڳيان افغانين جي سنڌ مان نيڪالي ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ اعلانيل رقم جي فراهمي وارو معاملو  اٿاريو ويندو. ان ڏس ۾ وڏي وزير گھرو سيڪريٽري کي  دستاويز تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي .

فوجي عالتن جو قيام ۽ پيدا ٿيندڙ اختلاف

ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وزيراعظم ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ ڪالهه 5 ڪلاڪن تائين هڪ ڊگهي اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ قومي ايڪشن پلان تي فوري عمل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ عسڪري۽ سياسي قيادت شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته سنگين ڏوهن وارا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن اماڻيا ويندا، هوڏانهن فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏايو ويو آهي،جڏهن ته ان اجلاس کان اڳ ئي فوجي عدالتن جي قيام بابت اختلاف پيدا ٿيندا نظر اچي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته فوجي عدالتون آئين ۾ ترميم ڪرڻ کانسواءِ قائم ڪري نٿيون سگهجن، جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن جي لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، جيڪڏهن آئين ۾ ترميم ڪئي وئي ته پوءِ اها ترميم آئين جي بنيادي ڍانچي جي خلاف هوندي. جڏهن ته ڪنهن کي به آئيني ڍانچي ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي. اسان اعتزاز احسن ۽ افتخار چوڌري پاران چيل جيڪي حوالا ڏنا آهن، انهن جي روشني ۾ اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته جيڪڏهن فوجي عدالتون قائم ٿي ويون تڏهن به اهي اعليٰ عدالتن ۾ چئلينج ٿي سگهن ٿيون. جنهن کانپوءِ اهو ممڪن آهي ته اعليٰ عدالتن جي فيصلن اچڻ تائين اهي عدالتون قائم ٿي نه سگهن، هوڏانهن اعتزاز احسن جيڪو قانون دان هجڻ سان گڏ هڪ سياسي پارٽي جو اڳواڻ ۽ سينيٽر پڻ آهي، تنهن اهو به خدشو ڏيکاريو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته فوجي عدالتن جو قيام تڪراري بڻجي وڃي ظاهر آهي ته جڏهن اهو بل اسيمبلي ۽ سينٽ ۾ پيش ٿيندو ته اهو قومي اسيمبلي مان ته کڻي مسلم ليگ (ن) جي قيادت اڪثريت جي بنياد تي ان بل کي پاس ڪرائي به و ٺي، پر اهو بل جڏهن سينٽ ۾ ايندو تڏهن ان جو پاس ٿيڻ ان ڪري مشڪل نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ ته اتي سينٽ ۾ مسلم ليگ(ن) اقليت ۾ ۽ پيپلز پارٽي اڪثريت ۾ آهي، جنهن ڪري اهو بل سينٽ ۾ اٽڪي سگهي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان ۾ اعليٰ عدالتون پنهنجي قانوني بالادستي کي برقرار رکڻ ۽ جوڊيشل ايڪٽوزم جو مظاهرو ڪندي جهڙي ريت سرڪاري فيصلن تي اثرانداز ٿينديون ۽ فيصلن خلاف اسٽي آرڊر ڏينديون رهيون آهن، تنهن کانپوءِ لڳي ٿو ته فوجي عدالتن جي قيام وارو معاملو به عدالتن آڏو هڪ وڏي بحث جو موضوع بڻجي وڃي. تازو صدر مملڪت جهڙي ريت ڦاهين جي اپيلن کي رد ڪيو هو ۽ مجرمن کي ڦاهيون ڏيڻ وارا بليڪ وارنٽ جاري ٿيا هئا. ان کانپوءِ اهو سمجهيو پئي ويو ته هڪ هفتي اندر ئي گهٽ ۾ گهٽ ڪيئي درجن مجرم ڦاهين تي ٽنگھجي ويندا ليڪن ڦاهي وارن مجرمن پاران ٻيهر اعليٰ عدالتن جو در کڙڪائڻ کانپوءِ في الحال ڦاهين تي عمل به رڪجي ويو آهي، جنهن ڪري به عوام ۾ مايوسي پيدا ٿي آهي ۽ انهن بحثن زور ورتو آهي ته جيڪڏهن اعليٰ عدالتن پاران فوجي عدالتن جي قيام کي آئين جي بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي جي برابر سمجهيو ويو يا انهن عدالتن کي متوازي عدالتي نظام قرار ڏنو ويو يا دهشتگردي واريون عدالتون هوندي فوجي عدالتن جي قيام کي آئين جي ابتڙ قرار ڏنو ويو ته پوءِ هڪ وڏو آئيني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ اهو به ممڪن آهي ته اهڙي قسم جو پيدا ٿيندڙ آئيني گهوٽالو آئين کي ئي معطل ڪرڻ جو سبب بڻجي وڃي.

 

۽ پوءِ عسڪري قيادت فوجي عدالتون کي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ضروري قرار ڏيندي انهن کي پاڻمرادو قائم ڪري ڇڏي ۽ پوءِ آصف علي زرداري جو اهو چوڻ اصلي حقيقت بڻجي وڃي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ڪٿي ائين نه ٿيئي جو آئون ۽ ميان صاحب انهن عدالتن ڪري ٻئي جيل ۾ پهچي وڃون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *