35 رپين جو تيل 80 رپين ۾ وڪرو….

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سيد خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ 80 سيڪڙو صارفين جو تعلق غريب طبقي سان آهي، ان جي باوجود حڪومت 35 روپيا ليٽر وارو تيل عوام کي 80 روپين ۾ وڪري رهي آهي ۽ غريب صارف کي 2 روپيا يونٽ واري بجلي 7 روپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي ۽ سي پيڪ جي سيڪيورٽي جي نالي تي صارفين کان 17 ارب روپيا وصول ڪيا پيا وڃن، حڪمران ڀلي غريب عوام جو تيل ڪڍي مٿي تي هڻڻ پر وار پوءِ به نه نڪرندا. اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي 13 -2012ع جي پنج ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رهتن جو جائزو ورتو ويو، آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته اهڙن وڏن باقيدارن جي ذمي 246 ارب 90 ڪروڙ روپين جون رهتون آهن جيڪي فوت ٿي ويا آهن يا ڪاروبار بند ڪري هليا ويا آهن، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جون سڄي ملڪ ۾ نجي ۽ سرڪاري ادارن ڏانهن 246 ارب 90 ڪروڙ روپين جون بقايائون آهن، نندي پور پاور منصوبي ۾ دير سان 43 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو جڏهن ته پي اي سي 10 آڪٽوبر تائين نندي پور پاور منصوبي جي جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جا ادارن ڏانهن رهيل بقايائن جي تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو ته مختلف سرڪاري ۽ نجي ادارن ڏانهن ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جا 246 ارب 90 ڪروڙ روپيا بقايا آهن، سڀ کان وڌيڪ 86 ارب روپيا ڪوئيٽا ريجن جي ذمي آهن، سکر ريجن 60 ارب، پشاور ريجن 60 ارب روپيا، لاهور ريجن 40 ارب روپين جون رهتون آهن، جيڪي جلد کان جلد وصوليون ٿيڻ گهرجن، پاڻي ۽ بجلي واري وزرات جو چوڻ هو ته 39 ڪروڙ روپين جي بقايائن جا ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ جڏهن ته 10 ارب 20 ڪروڙ روپين جا ڪيس نيب وٽ آهن، آزاد ڪشمير حڪومت ڏانهن 6 ارب 29 ڪروڙ جا بقايا آهن، هڪ ارب 70 ڪروڙ وصولين جي ڪيسن ۾ بجلي به ڪٽي وئي آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي سيڪريٽري نسيم کوکر ٻڌايو ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اسان وزيراعظم کي تجويزون ڏنيون آهن، شفقت محمود چيو ته لائن لاسز ۾ گهٽتائي آڻڻ وزيراعظم جو نه ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جو ڪم آهي، 10، 10 مهينا ميٽر چيڪ ناهن ٿيندا پوءِ هڪدم لک روپين جو بل موڪليو ويندو آهي، پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري چيو ته اسان وٽ رڪوري جو باقاعده ميڪنزم موجود نه آهي جنهن سبب مشڪلاتون اينديون آهن، نيب عملدارن موجب ته نندي پور منصوبي جي جاچ منظوري جي لاءِ نيب ايگزيڪيٽو بورڊ ۾ پيش ڪئي وڃي، آڊٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نندي پور منصوبي جي لاڳت ۾ 35 ارب روپين جو اضافو ٿيو آهي، دير سبب روينيو ۾ 7 ارب 32 ڪروڙ جو نقصان ٿيو آهي، دير سان مجموعي طور تي نندي پور پاور منصوبي ۾ 43 ارب 37 ڪروڙ جو نقصان ٿيو آهي، پي اي سي 10 آڪٽوبر تائين نندي پور پاور منصوبي جي حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *