28 هزار کان مٿي اسڪولن جي خاص بجيٽ هڪ سال کان بند

 

خبرون آهن ته سنڌ جي 28 هزار کان مٿي اسڪولن جي خاص بجيٽ هڪ سال کان بند آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسڪولن لاءِ گهربل سامان خريد ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آهن، ان حد تائين جو آفيسر جي شڪايت آهي ته اهي چاڪ، ڊسٽر،پينون ۽ امتحاني ڪاپيون به خريد ڪري نٿا سگهن، آفيسرن کي يعني اي ڊي اوز کي بجيٽ استعمال ڪرڻ جا اختيار ڪونهن ۽ خطرو اهو پيدا ٿيو آهي ته شايد رقم ليپس ٿي وڃي. آفيسرن ۽ تعليم کاتي جي عملدارن ۾ ڇڪ ڇڪان لڳي پئي آهي، آفيسرن چون ٿا ته رقم ڏيو، جڏهن ته سيڪريٽري تعليم جو موقف آهي ته بجيٽ نه ملندي، اسڪول جي سامان جي خريداري لاءِ سينٽرل ڪميٽي جوڙي ويندي. 28 هزار 337 سرڪاري اسڪولن کي فرنيچر، اسٽيشنري خريد ڪرڻ، رنگ روغن ڪرڻ واري اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ گذريل سال کان بند آهي،جنهن تحت 6 ارب 24 ڪروڙ روپيه ملندا هئا پر هينئر حالت اها آهي جو اسڪول مالي بحران جي ور چڙهيل آهن ۽ جيڪا دعويٰ آفيسر ڪن پيا تنهن موجب انهن وٽ اسڪولن جو سامان وغيره خريد ڪرڻ لاءِ مالي سگهه ڪونهي، هي معاملو پيچيده ٿيڻ ڪري صوبائي وزير تعليم تائين پهچي چڪو آهي، جنهن وٽ سمورن ڊائريڪٽرن،ڊسٽرڪٽ آفيسرن هي مسئلو اٿاريو پر نتيجو ڪو به نڪتو، ڇاڪاڻ جو بجيٽ استعمال ڪرڻ جا اختيار ضلعي آفيسرن کي نه مليا ۽ سيڪريٽري تعليم هڪ ئي ڪميٽي جوڙي ان وسيلي بجيٽ استعمال ڪرڻ واري موقف تي قائم رهيو، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن کي پگهارن کانسواءِ ٻيا جيڪي به خرچ ٿين ٿا تن لاءِ ورلڊ بئنڪ پاران ڏنل 18 ارب روپين جي قرض مان هر سال 6 ارب 24 ڪروڙ روپيه اسڪول اسپيسيفڪ جي مد ۾ ڏنا وڃن ٿا، گذريل سال دوران به اها رقم بجيٽ ۾ رکي وئي هئي پر ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن کان ڊي ڊي او پاور کسيا ويا جنهن ڪري بجيٽ استعمال نه ٿي سگهي ۽ رقم واپس ٿي وئي.هن سال به اها ئي حالت آهي جو رقم ته موجود آهي پر سال جي آخري مهيني تائين به مسئلو جيئن جو تيئن برقرار آهي، نتيجي ۾ پرائمري، مڊل، ايليمينٽري ۽ هاءِ اسڪول بجيٽ کان محروم آهن.هينئر جڏهن اسڪولن کي سيڪيورٽي خطرا آهن ۽ انهن جي سيڪيورٽي لاءِ ڀتيون مٿي ڪرڻ سميت ٻيا اپاءَ پڻ وٺڻ جون هدايتون جاري ٿي چڪيون آهن پر سنڌ ۾ بقول آفيسرن جي انهن هدايتن کي عملي جامو پهرائڻ مشڪل ٿي پيو آهي ڇاڪاڻ جو جڏهن فنڊ ئي دستياب نه هوندا ته پوءِ ديوارن جي مرمت وغيره ڪيئن ٿي سگهندي؟ رقم ڪيئن استعمال ٿئي اهو هڪ الڳ معاملو آهي پر جيڪا شيءِ لازمي آهي اها هي آهي ته رقم جو استعمال عمل ۾ آندو وڃي ڇاڪاڻ جو جڏهن ورلڊ بئنڪ کان قرض جي صورت ۾ اربين روپيه ورتا وڃن ٿا ۽ انهن آڏو اهو ئي جواز پيش ڪيو وڃي ٿو ته اسڪولن جي بهتري لاءِ رقم خرچ ٿيندي پر اها رقم خرچ نه پئي ٿئي ۽ پهريان به آيل پئسا ليپس ٿي ويا اهي اربين روپيه ڪيڏانهن ويا انهن جو به حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪي ان سنگين غلطيءَ جا ذميوار آهن انهن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو گذريل بجيٽ جيڪڏهن مخصوص مقصد لاءِ استعمال ڪئي وڃي ها ته شايد تعليم ۽ تعليمي ادارن جي صورتحال ۾ ڪجهه بهتري اچي ها ۽ هينئر ٻيو دفعو بجيٽ خرچ ٿيڻ جي نتيجي ۾ گهڻيون ئي مثبت شيون ڏسڻ لاءِ ملن ها پر افسوس جو هن وقت تائين رقم رڳو ان ڪري ڪتب نه اچي سگهي آهي جو اختيارن جي ويڙهه آهي، حالانڪ هن معاملي تي اختيارن جي ويڙهه کي سائيڊ تي رکي ڪم ڪرڻ گهربو هو.تعليم کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽ آفيسرن جو جڏهن مقصد ئي هڪ آهي ته تعليمي ادارن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين جو ڀلو ٿئي ته پوءِ اختلاف راءِ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اسان وٽ هر شعبي ۾ فنڊن جي شفافيت تي سدائين آڱريون کڄنديون رهيون آهن، تعليم کاتو به ان بدنامي کان بچي ناهي سگهيو، جيڪڏهن مقصد رقم خرچ ڪرڻي آهي ته پوءِ ڪو وچولو رستو ڪڍيو وڃي، ضروري ناهي ته آفيسرن کي ان حوالي سان کلي ڇوٽ ملي ۽ اهو به ضروري ناهي ته رڳو سيڪريٽري تعليم جي مرضيءَ تي ڪميٽي جڙي ۽ ان وسيلي مخصوص ٿيل بجيٽ خرچ ڪئي وڃي، هي مسئلو تعليم واري وزير جي لاءِ امتحان آهي، سينيئر سياستدان هجڻ ناتي اميد آهي ته هو ان جو ڪو تڪڙو حل ڪڍندو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر رقم ليپس نه ٿي ويندي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته نه رڳو سنڌ حڪومت جي ساک متاثر ٿيندي پر مقصد به حاصل ٿي نه سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *