2018 ۾ مهانگائي وڌڻ جو خطرو…!!

اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ مهانگائي محدود رهي آهي جنهن جو سبب رسد ۾ دٻاءُ نه هجڻ هو، موجوده وياج جي شرح 2014ع کانپوءِ سڀ کان گهٽ شرح آهي. صارفين جو اعتماد وڌي رهيو آهي، جنهن سان لڳي ٿو ته شين جي طلب ۾ اضافو ٿيندو، مالي سال 2018ع ۾ عام مهانگائي جي خبر ملڪي طلب مان پوندي. 2017ع ۾ معاشي ترقي جي شرح اڃا به وڌيڪ بهتر ٿيڻ جي اميد آهي، سي پيڪ، توانائي جي بهتر رسد، سستو ڪچو مال ۽ وڏين صنعتن ۽ زرعي پيداوار وڌي رهي آهي. شهرين جي آمدني وڌي آهي، جنهن سبب شين تي طلب ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. 2017ع ۾ معاشي ترقي جي شرح وڌيڪ بهتر ٿيڻ جي اميد آهي. نجي شعبي کي قرضن ۾ واڌ سان حقيقي اقتصادي، سرگرميون وڌيون، نجي شعبي جو قرض جولاءِ کان فيبروري 2017ع تائين 399 ارب رپيا وڌي ويو، جيڪو  گذريل سال 267 ارب رپيا هو، نجي شعبي جي ڪاروباري قرضن ۾ 159 ارب رپين جو اضافو ٿيو، جيڪو گذريل سال 102 ارب رپيا هو. صارفي مالڪاري جي ترقي جو رجحان برقرار رهيو. حڪومت ڪمرشل بئنڪن کي قرض موٽائي ڏنو، جنهن سان بئنڪن جو ناڻو وڌيو، جڏهن ته گذريل سال ان عرصي ۾ پئسا ڪڍرايا ويا هئا. معاشي سرگرمين ۾ اضافي سان آمدني واپار ۾ به اضافو ٿيو پر روانگي واپار ۾ خاطر خواهه واڌ نه ٿي ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کان ايندڙ رقم ۾ معمولي گهٽتائي ٿي، جنهن ڪري جولاءِ کان فيبروري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 5 ارب 50 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو، خالص مالي رقم وڌيڪ رهي پر ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو پورو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. رپورٽ موجب حڪومت جي روانگي واپار ۾ اضافي وارين پاليسين ۽ غيرضروري آمدني واپا کي روڪڻ وارن قدمن کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ضابطي ۾ اچي ويندو. 2018ع ۾ مهانگائي ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي وياج جي شرح برقرار رکي وئي آهي. وڏين صنعتن ۾ ٽيڪسٽائل، تيل، لوهه ۽ اسٽيل گاڏين، دوائن، بجلي جي سامان، ڪيميڪل ڪاٺ جي سامان، انجنيئرنگ جي سامان ۽ رٻڙ جي سامان جي پيداوار ۾ اضافو، خوراڪ، شربت ۽ تماڪ، غير ڌاتو ئي معدنيات، ڪيميائي ڀاڻ، ڪاغذ ۽ پيپر، چمڙي جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي، جڏهن ته ڪپهه جي پيداوار 14.1 ملين ڳٺڙيون، ڪمند جي پيداوار 67.5 ميلن ٽن، سارين جي پيداوار 6.8 ملين ٽن ۽ ڪڻڪ جي پيداوار 2 ڪروڙ 74 لک ٽن جو هدف رکيو ويو، ڪپهه جي پيداوار ۾ 27.8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، ڪمند جي پيداوار ۾ 4.2 سيڪڙو اضافو ٿيو، چانورن جي پيداوار  ۾ 2.7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 1.6 سيڪڙو اضافو ٿيو، زراعت جو جي ڊي پي ۾ حصو 19.8 سيڪڙو، صنعت جو 21 سيڪڙو خدمتن جو 59.2 سيڪڙو رهيو، فيبروري 2013ع ۾ ناڻي واڌ ۾ 0.3 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو جنوري 2017ع جي ڀيٽ ۾ 0.9 سيڪڙو وڌيڪ هو، جڏهن ته فيبروري 2016ع ۾ ناڻي واڌ 400 سيڪڙو هئي، جيڪا 2017 ۾ وڌي 4.2 سيڪڙو ٿي وئي. خوراڪ وارين شين جي اگهن ۾ فيبروري ۾ 0.3 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنوري جي ڀيٽ ۾ اها 1.5 سيڪڙو واڌ رهي ۽ هڪ سال اڳ واري واڌ جي برابر هئي. فيبروري 2017ع ۾ ناڻي واڌ ۾ 0.2 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ اها واڌ 5.3 سيڪڙو ٿي وئي، فيبروري2017ع ۾ ناڻي واڌ 4.5 سيڪڙو رهي. فيبروري 2017ع ۾ 8 هزار رپيا ماهوار آمدني وارن لاءِ مهانگائي ۾ 0.2 سيڪڙو، 8001 رپين کان 18000 رپين تائين وارن لاءِ 0.3 سيڪڙو، 18001 کان 35 هزار رپين وارن لاءِ 0.4 سيڪڙو، 3500 رپين کان مٿي آمدني وارن لاءِ 0.5 سيڪڙو ۽ سموري عوام لاءِ مهانگائي ۾ 0.4 سيڪڙو اضافو ٿيو، جولاءِ 2016ع کان فيبروري 2017ع تائين پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي رقم ۾ 2.5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. هن سال 12 ارب 36 ڪروڙ 30 لک ڊالر اماڻيا ويا آهن، جڏهن ته گذريل سال ان عرصي ۾ 12 ارب 67 ڪروڙ 70 لک ڊالر اماڻيا ويا هئا، اهڙي ريت 31 ڪروڙ 40 لک ڊالر گهٽ اماڻيا ويا. ٽيڪسٽائل جي روانگي واپار ۾ 31 ڪروڙ 90 لک ڊالرن، ٻين شين جي روانگي واپار ۾ 17 ڪروڙ 10 لک ڊالرن جي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته ٻين سڀني شين جي روانگي واپار ۾ 38 ڪروڙ 40 لک ڊالرن جو اضافو ٿيو. تيل، ٽيليڪام، بجلي پيدا ڪندڙ مشينري پلاسٽڪ مٽيريل، پام آئل، چانهه پتي جي آمدني واپار ۾ اضافو ۽ ڪچي تيل، بجلي تي هلندڙ مشينري، ڀاڻ ۽ لوهه ۽ ڪچي لوهه جي آمدني واپار ۾ گهٽتائي رهي. هن سال سڌي پرڏيهي سيڙپ هڪ ارب 28 ڪروڙ 40 لک ڊالر رهي، جيڪا گذريل سال هڪ ارب 21 ڪروڙ 20 لک ڊالر هئي. جولاءِ 2017ع کان فيبروري 2017ع تائين 19 کرب 91 ارب رپين جا ٽيڪس گڏ ڪيا ويا. گذريل مالي سال ۾ 20 کرب 5 ارب رپيا گڏ ٿيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *