20 مهينن بعد ڪراچي بدامني ڪيس جي ٻڌڻي

سـپريم ڪورٽ ڪراچي بدامني ڪيس بابت پوليس جي رپورٽ رد ڪندي رمارڪس ڏنا ته امن امان قائم ڪرڻ ۾ رينجرز جو ڪردار آهي پوليس ڪو به ڪم ناهي ڪيو ان جي رپورٽ اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي،پوليس کي غير سياسي ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.جڏهن ته رينجرزپاران  ڪراچي آپريشن جي ڪاميابي لاءِ مڪمل اختيار ڏيڻ، ٿاڻا قائم ڪرڻ، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ جاچ جا اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهيرجمالي، جسٽس اميرهاني مسلم، جسٽس عظمت سعيد. جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس خلجي عارف حسين تي ٻڌل پنج رڪني بئنچ ڪراچي  بدامني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي جي دوران چيف سيڪريٽري صديق مميڻ  آءِ جـِي پوليس سنڌ غلام حيدر جمالي، روينيو بورڊ جو ميمبر، ڪراچي جا سمورا ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز پيش ٿيا.آءِ جي سنڌ پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي .رپورٽ موجب ڪراچي آپريشن سبب ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 69 سيڪڙو، 60 سيڪڙو ڀتي خوري، بينڪ ڌاڙن ۾ 58 سيڪڙو ۽ اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته ڀنگ لاءِ اغوا جون وارداتون ختم ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. صفوران سانحي سميت سمورا هاءِ پروفائل ڪيس حل ڪيا ويا آهن جڏهن ته سبين محمود، روبينا خالد قتل ڪيس جي ڏوهارين جو پتو لڳايو ويو آهي.ڪراچي ايئرپورٽ حملي جي ماسٽر مائينڊ کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. 2013ع کان 2016ع تائين مقابلن ۾ 491 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. امن وامان جي صورتحال بهتر آهي . چيف جسٽس انورظهير جمالي چيو ته توهان جي رپورٽ موجب 2015ع ۾ 159 جي ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي آهي ته پوءِ ڪيترن ڪيسن جا فيصلا ٿيا آهن.جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته ڪيسن جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سزائون ڏياري. اوهان جنهن امن امان جي دعويٰ ڪري رهيا آهيو اهو رينجرز جي ڪري آهي. آءِ جي سنڌ جواب ڏنو ته ڪراچي آپريشن ۾ ٽيم ورڪ هو پوليس سميت ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن گڏجي ڪم ڪيو آهي، جسٽس امير هاني مسلم آءِ جي کان پڇاڻو ڪيو ته شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ ڇا آهي، جڏهن ته چيف جسٽس آءِ جي کي مخاطب ٿيندي چيو ته عامر فاروقي جيڪا  شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ بابت جاچ ڪئي، ان بابت ڄاڻ اٿو؟جنهن تي آءِ جي سنڌ ان کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي.جسٽس امير هاني مسلم آءِ جي سنڌ کي چيو ته جيڪڏهن اوهان کي ان رپورٽ بابت ڄاڻ ناهي ته اوهان کي وردي ۾ به رهڻ جو حق ناهي، جوابدارن جي گرفتارين ۽ امن امان بابت اوهان جي رپورٽ اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي، ٻڌايو ته اوهان نعيم بخاري ۽ آصف ڇوٽو جهڙن جوابدارن کي پڪڙيو؟ جوابدارن جا نالا ۽ پتا اوهان وٽ آهن پر انهن ۾ هٿ نٿا وڌا وڃن.عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڇو نه اوهان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. 4000 اشتهاري جوابدار آهن ته ڪراچي جو الله حافظ آهي.

ڊي جي رينجرز سنڌ جي وڪيل شاهد انور باجوه رپورٽ پيش ڪندي چيو ته 5 سالن دوران 2 ڊي جي رينجرز تبديل ٿيا پر پوليس ۾ بدلين جو عمل مستقل جاري رهندو آهي.2013ع کان 5 هزار 96 ڏوهارين کي پڪڙيو ويو.رينجرز جي وڪيل چيو ته جيستائين سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي ڪم نه ڪندا، ڪراچي آپريشن جا نتيجا حاصل نٿا ٿي سگهن. سنڌ سرڪار رينجرز رپورٽ تي شق وار جواب ڏئي، اهڙا پسمنظر پيش نه ڪيو جنهن سان ادارا هڪٻئي جا دشمن بڻجن.  عدالت چيو ته پوليس ڏوهن لاءِ ڪرائي جا ماڻهو ڀرتي ڪيا آهن، 2 هزار دهشتگرد آزاد گهمي رهيا آهن ته شهر ۾ امن قائم ڪيئن ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *