19 سالن بعد آدمشماري جو پهريو مرحلو شروع ٿي ويو….

سنڌ سميت ملڪ ۾ 19 سالن کان پوءِ آدمشماري جو پهريون مرحلو شروع ٿي ويو، . وفاق ضلعي سطح تائين تفصيلن تائين پهچ ۽ انگ اکر پڌرا ڪرڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اندر پهرين مرحلي ۾ ڪراچي اولهه، ڪراچي ڏکڻ، ڪراچي اوڀر، ڪورنگي، ڪراچي سينٽرل، ملير، حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن توڙي سيوهڻ تعلقي ۾ گهر شماري ۽ آدمشماري ٿي رهي آهي.  آدمشماري لاءِ ڪراچي کي 14 هزار 552 بلاڪس ۾ ورهايو ويو ڪراچي شهر کي 365 چارجز، 2412 سرڪلز ۽ 14 هزار 552 بلاڪس ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ بلاڪ جي گهر شماري 15 کان 17 مارچ تائين جاري رهندي ۽ پوءِ 18 کان 27 مارچ تائين ان ئي بلاڪ جي آدمشماري ٿيندي جڏهن ته 28 مارچ وارو ڏينهن بي گهر ماڻهن جي آدمشماري لاءِ رکيو ويو آهي. گهر ۽ آدمشماري لاءِ 16 هزار پوليس آفيسر ۽ اهلڪار فرض سر انجام ڏيندا جن مان 10 هزار 500 اهلڪار ڪراچي جڏهن ته ساڍا 5 هزار اهلڪار سنڌ جي ٻين شهرن کان گهـُرايا ويا آهن. آدمشماري جي موقعي تي ڪراچي جي 14 علائقن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جتي آدمشماري ٽيمن لاءِ پوليس سان گڏ پاڪ فوج جا جوان به مقرر ڪيا ويا آهن. حيدرآباد ضلعي ۾ مجموعي طور تي 2069 بلاڪ، گهوٽڪي ضلعي ۾ 1294 بلاڪ ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ 246 بلاڪ قائم ڪيا ويا آهن. آدمشماري جي قانون موجب آدمشماري شروع ٿيڻ کان اڳ بلاڪن جي معلومات فريز ڪئي وئي آهي، جن ۾ هاڻي ڪابه ردوبدل نٿي ڪري سگهجي. هوڏانهن وفاقي سرڪار آدمشماري ۾ سنڌ حڪومت جي اعتراضن ۽ مُک مطالبن کي رد ڪيو ويو آهي. جنهن سبب آدمشماري ۾ سنڌ جا اعتراض برقرار آهن. اها گھُر پڻ ڪئي وئي هئي ته جن افغانين ۽ ڌارين جا قومي شناختي ڪارڊ ٺهيل آهن انهن جي ڳڻپ ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت به واضح پاليسي ڏني وڃي.  ته هُو ڳڻجي سگھن ٿا يا نه؟ ان کان علاوه اهو به معلوم ٿيو آهي ته وفاق پاران آدمشماري لاءِ ٺاهيل ”فيلڊ پلان“ (آئين) ۾ اهو پڻ ناهي ڄاڻايو ته جيڪڏهن ڪٿي به ڳڻپ حقيقت کان وڌيڪ يا حقيقت کان گھٽ ڪئي وڃي ته ان جي فوري حل لاءِ ڪنهن وٽ اختيار آهن؟ سنڌ حڪومت اهو به سوال اٿاريندي وفاق جو ڌيان ڇڪايو ويو آهي ته فيلڊ پلان ۾ ورڪ پلان شامل ڪيو وڃي. پر ان تي به سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ٻين مطالبن وانگر روز جي بنياد واري معلومات ان ئي ڏينهن انٽرنيٽ تي آڻڻ وارو سنڌ جو مطالبو به وفاق کان هضم ناهي ٿيو. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سنڌ جي وڏي وزير جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو، ناڻي وزير وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جون آدمشماري بابت تجويزون رد ڪري ڇڏيون، اسحاق ڊار چيو آهي ته گهر ۾ ڪنهن هڪ فرد جو سڃاڻپ ڪارڊ يا سڃاڻپ جو دستاويز پيش ڪرڻو پوندو، ڪوئي سڃاڻپ جو دستاويز پيش نه ڪندڙن کي به ڳڻيو ويندو، ضلعي سطح تي آدمشماري جي ڊيٽا تائين عوام جي رسائي ناممڪن آهي، شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيو آهي، شفاف آدمشماري لاءِ پاڪ فوج جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون آهن، ڊيٽا مستند هجڻ لاءِ خاندان جي ڪنهن به فرد جو سڃاڻپ ڪارڊ هئڻ ضروري آهي، سڃاڻپ ڪارڊ نه هئڻ تي ڪو به دستاويز ڏيکاري سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *