18 سالن بعد بريت جو فيصلو

گذريل ڏينهن راولپنڊي جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفنرسز ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي، فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته نيب وٽ ريفرنسز جا اصل ڪاغذ ئي موجود نه هئا، سياسي انتقام وٺڻ لاءِ سيف الرحمان ڪميشن ڪيس ٺاهيا، فيصلو حق ۽ سچ جو ٿيو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي سربراهي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنسز جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران نيب پاران ثبوت پيش نه ڪرڻ تي عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنسز مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو اڄ انصاف ۽ قانون جي فتح ٿي آهي، نيب پاران ڪو به اهڙو ثبوت پيش نه ڪيو ويو جنهن سان ثابت ٿئي تي آصف علي زرداري پرڏيهي ڪمپني کان ڪا ڪميشن ورتي هئي. فاروق ايڇ نائيڪ وڌيڪ چيو ته نيب وٽ داخل ڪرايل ريفرنسز جا اصلي ڪاغذات ئي موجود نه هئا، سياسي انتقام وٺڻ لاءِ سيف الرحمان ڪيس ٺهرايا.. فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته آصف علي زرداري 8 سالن تائين جيل ڪاٽي چڪو آهي، هو هن وقت تائين ٽن ڪيسن مان باعزت بري ٿي چڪو آهي، هاڻي هو ڪيس داخل ڪرڻ وارن کان پڇڻ ٿا چاهيون ته ٻڌايو وڃي ڪيس داخل ڪرڻ سان کين ڪهڙو فائدو ٿيو؟ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪمشين جي وصولي جا الزام بينظير ڀٽو جي دور ۾ لڳايا ويا هئا، بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سندس نالو ريفرنسز مان خارج ڪيو ويو هو، آصف علي زردري خلاف 18 سالن کانپوءِ ڪيس ختم ڪيا ويا آهن.. آصف علي زرداري تي پرڏيهي ڪمپني کان ٺيڪو ڏيارڻ لاءِ ڪميشن وٺڻ جو الزام هو، جڏهن ته ڪيس جي جج محمد بشير پاران 11 نومبر تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو جنهن جو اڄ فيصلو ٻڌايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *