12 مهينن دوران ٿر۾ 316 ٻار مرڻ جي تصديق

 

سنڌ جي صحت واري وزير  ڊاڪٽر  ڄام مهتاب  ڏهر  چيو آهي ته ٿر ۾ 12 مهينن ۾ 316 ٻارڙا فوت ٿيا آهن جنهن ۾ فقط 9 ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿيا آهن باقي  ٻارڙا مختلف بيمارين سبب فوت ٿيا آهن هن چيو ته ٿر ۾ فوت ٿيل ٻارڙن بابت انگ اکرن موجب ڏڪاريل ٿر ۾ روزانو هڪ ٻارڙو فوت ٿيو آهي .  تنهن ڪري اسان ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي بهتر ڪرڻ لاءِ  رٿابندي ڪري رهيا آهيون . اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالھه پنهنجي آفيس ۾ ٿر پارڪر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت ميڊيا کي تفصيل ٻڌائيندي ڪيو .  هن چيو ته 14 جنوري کان 14 ڊسمبر 2014  تائين هڪ سال ۾ 316 ٻارڙا فوت ٿيا آهن انهن مان فقط 9 ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿيا آهن . هن چيو ته اها ڳالھه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته 316 ٻارڙن مان 82 ٻارڙا وقت کان اڳ ڄمڻ ۽ ڄمڻ وقت انهن جو وزن گھٽ هجڻ ڪري  فوت ٿيا، 56 ٻارڙا ڄمڻ وقت آڪسيجن نه ملڻ سبب فوت ٿيا ،ڦڦڙن ۾ زخم ٿيڻ سبب 51 فوت ٿيا ،رت ۾ جيوڙن جي موجود گي سبب 38 ٻارڙا فوت ٿيا . زخمن سبب 18 فوت ٿيا ، ڄمندي ئي ساھ کڻڻ جي تڪليف ۾ مبتلا  10 ٻارڙا فوت ٿيا .دستن جي بيماري ۾ 8 ٻارڙا فوت ٿيا ۽ مخلتلف ٻين بيمارين ۾ 43 ٻارڙا فوت ٿيا جن جو ٽوٽل انگ 316 آهي . هن چيو ته اسان ٿر ۾ ماءُ ۽ ٻارڙي جي صحت تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون .  هن چيو ته اسان  ڪجه وقت اڳ عورت ڊاڪٽرن ، اسپيشلسٽن ، گائناڪا لاجسٽ ،ٻارڙن جا ماهر ڊاڪٽر۽ سرجن پڻ مقرر ڪيا آهن . جڏهن ته زندگي بچائيندڙ دوائون جنهن ۾ ڇتي ڪتي جي چڪ ، نانگ جي ڪکڻ سميت ٻين مرضن جون دوائون فراهم ڪيون ويون آهن . ٿر پارڪر اسپتال ۾ صحت جي سهولتن کي بهتر ڪيو ويو آهي . هن چيو ته ضلعي سطح تي  سول سوسائٽي ، صحافين ، سرندي وارن ۽ سٺي ساک رکندڙن ماڻهن تي ٻڌل هڪ بورڊ جوڙيو پيو وڃي جيڪو اسپتالن جي نگراني ڪندو . جيڪي ڊاڪٽرن جي حاضري ، دوائن جي خريداري ، دوائن جي موجودگي  ، بيمارن جي ڦلاح ۽ ليبارٽرين جو بندوبست ڪندا . جيڪي ضلعي سطح تي اسان جون اکيون ۽ ڪن هوندا ، هن چيو ته آغا خان ۽ا نڊس اسپتال جي ڊاڪٽرن ٿر پارڪر جي اسپتالن جا دورا ڪيا آهن ۽ اتي موجود سهولتن جو جائزو ورتو آهي . انهن فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان ڪيو آهي. هن چيو ته 32 ڊاڪٽرن کي  19 گريڊ مان 20 گريڊ ۾ ترقي ڏني آهي . جڏهن ته 280 ڊاڪٽرن کي 18 گريڊ مان 19 گريڊ ۾ ترقي  ڏيڻ لاءِ ڪم هلندڙ آهي  ٻئي طرف  جيئن ئي 780 ڊاڪٽرن جون اي سي آر  ملنديون  انهن کي 17 گيڊ مان 18 گريڊ ۾ ترقي ڏني ويندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *