ڳڀرو نوجوانن جا لاش ۽ سنڌ جو ماتم

گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ جڏهن سنڌ ۾ هلندڙ ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگ بابت گرما گرم تقريرون ٿيون تڏهن بلوچستان مان چونڊيل ايم اين اي محمود خان اچڪزئي تقرير ڪندي چيو ته اسان جون ايجنسيون اونهي پاڻي مان سئي کي به ڳولي ڪڍڻ جي مهارت رکن ٿيون ته پوءِ ڇا ايجنسين کي ڄاڻ ناهي ته اهي قتل ڪير ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن انهن کي ڄاڻ نه آهي ته پوءِ ملڪ جون 16 ايجنسيون ڪهڙي ڪم جون آهن، انهن کي ختم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهي قتل بند نه ٿيا ته پوءِ سنڌ ۾ وڌيڪ نفرت پيدا ٿيندي. ان موقعي تي سرحدي معاملن جي وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ جواب ڏيندي چيو ته بلوچستان کانپوءِ سنڌ ۾ لاش ملڻ افسوس ناڪ آهي، خبر ناهي ته نوجوانن جا لاش ملڻ تي صوبائي حڪومتون ڇو خاموش آهن. ايم ڪيو ايم جي ميمبر تقرير ڪندي چيو ته سنڌ کي مقتل گاهه بڻايو ويو آهي. روزانو سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ڪارڪنن کي قتل ڪيو پيو و ڃي.

قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن پاران ڪيل بحث به سنڌ مان کنڀي گم ڪرڻ وارن واقعن ۽ نوجوانن جا چچريل لاش ملڻ واري سلسلي کي ٻنجو ڏيئي نه سگهيو آهي.ڪالهوڪي ا جلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ حڪمران ڌر ۽ مخالف ڌر ۾ اها همت نه هئي ته اها ڪا نشاندهي ڪري سگهن ته آخر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ وارا ڪهڙا هٿ آهن يا اهي ڪهڙا هٿ آهن جيڪي کين قتل ڪري انهن جا لاش رستن تي اڇلائي رهيا آهن. اسان کي ان ڳالهه تي به حيرت آهي ته چچريل لاش اڇلائڻ وارا هٿ اهڙي قهري ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي ڪجهه مخصوص ماڻهن کي اها خبر به نه رڳو اڳواٽ ٻڌائين ٿا پر اها نشاندهي به ڪن ٿا ته اهي لاش ڪٿي پيل آهن. گذريل ڏينهن نوري آباد مان ٻن نوجوانن سرويچ پيرزادو ۽ واجد لانگاهه جا لاش مليا هئا، تن لاشن بابت ميڊيا جي انهن مخصوص صحافين کي پهريائين اهو ٻڌايو ويو ته جن نوجوانن جا لاش مليا آهن، تن مان هڪ جو نالو سرويچ پيرزادو ۽ ٻئي جو نالو روحيل لغاري آهي. جڏهن ته بعد ۾ خبر پئي ته اهو روحيل لغاري نه پر جاويد لانگاهه آ هي.

ياد رهي ته روحيل لغاري به کنڀجي ويل نوجوانن ۾ شامل آهي، جنهن کانپوءِ اهي شڪ وڌي ويا آهن ته شايد روحيل لغاري کي به قتل ڪيو ويو آهي يا جيڪڏهن اڃا قتل نه ٿيو آهي ته هاڻ کيس به قتل ڪري ائين ئي سندس لاش به رستي تي اڇلايو ويندو. اسان کي حيرت آهي ته قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ جيڪو بيان ڏنو آهي تنهن اسيمبلي ۾ ٿيل تقريرن دوران لڳايل الزامن جو سڄو بار وفاقي حڪومت تان لاهي سنڌ سرڪار تي اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته هو پاڻ به ماضي ۾ ا هم اداري جو سربراهه رهي چڪو آهي ۽ هن جو ڳجهين ايجنسين سان اهم اداري جي سربراهه جي حيثيت سان پڻ ويجهو واسطو رهيو آهي. ان ڪري جيڪڏهن هو پاڻ ئي اها ڳالهه ظاهر ڪري ڇڏي ها ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ چچريل لاش ملڻ وارن هاڻوڪن يا اڳوڻن واقعن ۾ڪهڙا هٿ ملوث آهن يا جيڪڏهن عبدالقادر بلوچ پنهنجي حصي جو سچ ڳالهائي ها ته يقينن سڀني کي خبر پئجي وڃي ها ته انهن لاشن کي اڇلائڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ اهڙي ريت سنڌ سرڪار جي خاموشي به ڪيترائي سوال پيدا ڪري رهي آهي. جڏهن ته ٻئي طرف سنڌ سرڪار جي خاموشي جا ڪهڙا سبب آهن، تنهن جي وضاحت ته سنڌ سرڪار ئي ڪري سگهي ٿي، پر اها خاموشي سنڌ سرڪار لاءِ عوام اندر ڪهڙي راءِ ۽ ڪهڙي سوچ پيدا ڪري رهي آهي. تنهن بابت شايد اڃا انهن کي ڪنهن ٻڌايو ئي ناهي.

جڏهن ته وفاقي وزير پاران سنڌ سرڪار جي خاموشي کي تقرير جو موضوع بڻائيندي اڻ سڌي طرح اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ سرڪار کي خبر آهي پر اها ٻڌائڻ نه ٿي گهري. اهڙي الزام کانپوءِ هاڻ سنڌ سرڪار جي ذميواري وڌي وئي آهي ته اها صورتحال جي وضاحت ڪري ته آخر انهن قتلن پٺيان ڪنهن جا هٿ آهن. اسان جتي سنڌ سرڪار جي پراسرار خاموشي ۽ وفاق پاران پنهنجو بار سنڌ سرڪار تي اڇلائڻ واري عمل کي معاملن کي لڪائڻ جي ڪوشش سمجهون ٿا اتي اسان اها ڳالهه به چوندي ڪا به هٻڪ محسوس نه ٿا ڪريون ته جن نوجوانن کي اغوا ڪري قتل ڪيو پيو وڃي، انهن جو گهڻو تڻو واسطو قومپرست جماعتن سان آهي، اهي قومپرست سڏائيندڙ جماعتون جيتوڻيڪ هڪ محدود انگ ۽ مخصوص سوچ رکندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ٻڌل آهن، جيڪي پاڪستان جي سياسي ڍانچي ۾ پنهنجي سوچ ۽ سمجهه موجب ڪم ڪرڻ گهرن ٿيون يا ڪري رهيون آهن. اسان انهن جي مخصوص سوچ سان ته سهمت نه ٿا ٿي سگهون، پر ايترو ضرور چونداسين ته انهن جي سوچ نوجوانن کي انتها پسندي واري سوچ اختيار ڪرڻ لاءِ راغب ڪري رهي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *