گلن جهڙن ٻارڙن قرباني ڏيئي قوم کي دهشتگردي خلاف ڪٺو ڪيو: ماروي ميمڻ

سانگهڙ شهر جي باکوڙو روڊ تي پ پ ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جون ريليون پاڻ ۾ آمهون سامهون ٿي پيا ۽ هڪٻئي جي خلاف نعريبازي ڪئي پٿراءَ ۽ لٺبازي بعد ڪرڻ بعد فائرنگ ڪئي ويئي جنهن سبب پ پ جي ريلي ۾ شامل پ پ جهول جو اهم اڳواڻ گل محمد مري ۽ ٻه پوليس اهلڪار نبي بخش ڏيرو، عاشق مري ٿڏي تي فوت ٿي ويا، گل محمد مري کي فوري طور اسپتال پهچايو ويو، جڏهن ته پوليس اهلڪارن جا لاش هڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ تائين پيل رهيا، ۽ گوليون ، لٺيون لڳڻ سبب 9 ماڻهو جيڪي  پ پ پ جي ريلي ۾ هئا، جن ۾ پ پ اڳواڻ فدا حسين ڏيرو جو ڀائيٽو شير محمد ڏيرو، ايريگيشن جو سب انجنيئر گل محمد شاھ ، الياس بگٽي، صلاح الدين، زوهيب ڏيرو، محمود بڙدي، ۽ راشد زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور سول اسپتال سانگهڙ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتان فدا حسين ڏيرو جي ڀائيٽي شير محمد ڏيرو کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو، ۽ ايريگيشن جي سب  انجنيئر گل محمد شاھ کي نوابشاھ نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويو،  جڏهن ته ٻين زخمين کي به علاج لاءِ نوابشاھ نيو ويو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ روڊ تي 7 کان وڌيڪ گاڏيون جن ۾ ڊبل ڍور، لينڊ ڪريوزر، ۽ ڪارون شامل هيون تباھ ٿي ويون انهن گاڏين جا شيشا ٽٽل هئا، ڪيتريونئي گاڏيون اونڌيون ٿيل هينون ،واقعي بعد علائقي ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو، جڏهن تي واقعي واري هنڌ تان اهلڪار عاشق مري جو لاش دير سان پوليس اڇي ڪلر  جي ڍبل ڊور گاڏي مان ڪڍيو ۽ پوليس اهلڪار نبي بخش ڏيرو جو لاش واقعي واري هنڌ روڊ تي پيل هو، واقعي هنڌ پوليس دير سان پهتي، جڏهن ته بعد ۾ وڏي انگ ۾ سانگهڙ ضلعي جي پوليس نفري ۽ رينجرز پهتي ، جنهن بعد علائقي جو ڪڙو چاڙهيو، ۽ نظاماڻي پاڙي جي سرچ آپرشن ڪري گهر گهر جي تلاشي ورتي ۽ ڪيترائي ماڻهو شڪ جي بنياد تي پڻ گرفتار ڪيا، گرفتار ڪيلن جا نالا انتظاميه راض ۾ رکيا،  واقعو ضلعي ۾ باھ جيان پکڙي ويئي وڏي انگ ۾ ماڻهو سول اسپتال سانگهڙ پهتا، سانگهڙ سانحي تي سولاسپتال سانگهڙ ۾ ايمرجنسي لڳائي ويئي ، موڪل تي ويل ملازمن کي گاڏيون موڪل گهران گهرايو ويو، وڏي انگ ۾ شهري توڙي پ پ ڪارڪن سول اسپتال پهتا، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ فدا حسين ڏيرو، علاوالدين جوڻيجو، ممتازشاھ، قاضي صدرالدين، اسلام قريشي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، ۽ ان موقعي سول اسپتال سانگهڙ ۾ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ، ايس ايس پي سانگهڙ ۽ رينجرز آفيسر پڻ پهتا، زخمين کان معلومات واقعي متعلق ورتي.

چونڊن جي ماحول ۾ قتل و غارت جو سلسلو پراڻو آهي پر جيڪي ماڻهو قتل ٿين پيا انهن سان ڪو انصاف به ٿيندو يا رڳو ماحول سوڳوار رهندو ۽ پوليس پنهنجي خانه پوري ڪندي ڪيس ته داخل ڪندي پر ان جو کڙ تي ڪو نه نڪرندو ۽ اهي ڪيس فائيلن جي صورت ۾ تاريخ جو حصو بڻجي ويندا، تازن قتلن جو ڪو زميوار به ٿيندو يا اهي بس لال جي ليکي ۾ هليا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *