ڪُنَ ۾ ڦاتل ڪپتان سرڪار ..!

ڪجهه مهينا ٿئي آيل پاڪستان تحريڪ انصاف جي سرڪار مختلف وقتن تي پريشاني جو شڪار رهندي پئي اچي، ڪجهه وقت اڄ سنڌ سرڪار خلاف سندرا ٻڌي پي ٽي آءِ جا وزير عمران خان سميت ميدان تي لٿل هئا، الله الله ڪري سائين سرڪار تان اها تلوار سپريم ڪورٽ وقتي طور هٽائي ڇڏي ته وري فواد چوڌري جي بيان ق ليگ کي ڪاوڙائي ڇڏيو، ان بعد صوبائي وزير عمار ياسر جي استعيفيٰ بعد پي ٽي آءِ ق ليگ ۾ ويڇا وڌي ويا آهن جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنجاب جو وڏو وزير متحرڪ رهيو سندس ناڪامي بي وزير اعظم پاڻ ميدان تي لهي ق ليگ قيادت سان رابطو ڪيو پر في الحال ڪو خاص رستو ناهي نڪتو جنهن سان ظاهر ٿئي ته سياسي ماحول ۾ برف ڳرڻ شروع ٿي وئي آهي.

سياسي ماحول پنهنجي جڳهه تي هر وقت ڳرم رهي ٿو پر ساهيوال ۾ سي ٽي ڊي اي جي ڪارروائي ويتر تبديلي سرڪار جا دونها ڪڍي ڇڏيا آهن، واقعي بابت شروعاتي رپورٽ موجب ته قادر آباد ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري عورت کي ڌيءُ  مڙس ۽ پاڙيسري سميت دهشتگرد ڄاڻائي ماري ڇڏيو آهي، ٽول پلازه  وٽ سي ٽي ڊي پوليس ڪارروائي  ڪري ڪار ۾ سوارن تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، مارجي ويلن ۾ عورت نبيلان سندس مڙس محمد خليل، 13 ورهين جي نياڻي اريبا ۽ هڪ پاڙيسري شامل، زخمين ۾ هڪ ڌيءُ  ۽ 2 نياڻيون شامل آهن سڄو خاندان لاهور کان شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ بوري والا وڃي رهيو هيو ته کائن حياتيون کسيون ويون، واقعي بعد سي ٽي ڊي مارجي ويلن جو تعلق دهشتگرد تنظيم داعش سان قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ان بعد مختلف موقف ميڊيا تي شيئر ٿيندار رهيا ته وري واقعي واري هنڌ تي موجود ماڻهن جا بيان توڙي رڪارڊ ڪيل وڊيو به وائر ٿيون آهن جن سي ٽي ڊي اي جي ڪارروائي جا پول کولي ڇڏيا آهن، وڊيو رڪارڊنگ توڙي موقعي تي موجود ماڻهن سچ سامهون آڻيندي چيو ته ڪار مان ڪا به مذاحمت ناهي ٿي نه ئي وري ڪار مان ڪي هٿيار يا ڪو بارودي مواد مليو، جعلي ڪارروائي بعد سي ٽي ڊي اي ٻارڙن کي ڪار مان ڪڍي بعد ۾ گولين جو مينهن وسايو ۽ گاڏي جي نمبر پليٽ لاهي فرار ٿي ويا.هوڏانهن علائقي واسين پڻ شهيد خاندان کي نهايت ئي شريف ۽ نيڪ نمازي سڏيندي واقعي جي مذمت ۽ سڏک جو اظهار ڪندي ڪارروائي کي مڪمل طور تي ڪوڙ قرار ڏنو آهي،  مارجي ويلن جي ٻارن  به سي ٽي ڊي اي جي منهن تي ڪارنهن ملي ڇڏي آهي، ٻارڙن موجب ته هنن وٽ ڪوبه هٿيار نه هو پر پوليس گوليون هلايون،واقعي  بعد وزيراعظم نوٽيس ورتو ۽ پنجاب  جي وڏي وزير سان رابطو ڪيو جنهن بعد وڏي وزير جي  حڪم تي اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *