ڪيٽي بندر واقعو ۽انتظاميه جي اڻويهه سئو اونڌهه واري سجاڳي

گذريل ڏينهن ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ ڪيٽي بندر جي ٻيٽ ۾ قائم ڳوٺ نبو جت ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 7 ٻارڙن ۽ ٻن عورتن سميت 10 گهر جا ڀاتي سڙي فوت ٿي ويا. پيٽ گذر لاءِ سمنڊ جي ٻيٽ اندر قائم ڳوٺ نبو جت ۾ ان وقت واقعو پيش آيو سمورا گهر ڀاتي رات جي ماني کائي رهيا هئا. ڊيزل جو ڊرم چـُلهه مٿان ڪرڻ سبب اک ڇنڀ ۾ باهه ڪکائين گهر کي وڪوڙي وئي. باهه ايتري ته تيز هئي جو سمورن گهر ڀاتين کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو نه مليو ، جنهن سبب 4 مرد، 3 ٻارڙا ۽ 3 عورتون سڙي فوت ٿي ويون. باهه جي شعلن گهرن ۾ موجود نبو جت سندس پٽ شڪيل، حميد مير جت، عزيز مير جت، عورت شڪيلان جت، اسلام جت، عورت غازي خاتون، نينگري مسمي، نينگري لاڏان ۽ غلام رسول جت کي ساڙي ڪوئلو ڪري ڇڏيو. باهه لڳندي ئي ڳوٺ ۾ موجود ٻين رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوششون ڪري غضب جي باهه تي ضابطو آڻي سڙي زخمي ٿيل حسين جت، مارل خاتون، عالم ۽ هڪ نينگري کي ٻاهر ڪڍيو . ڳوٺاڻن سڙي زخمي ٿيل چئني ڄڻن کي ڪراچي ڏانهن منتقل ڪيو، جن جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته انتظاميا کي ته اطلاع ڏنو آهي پر بروقت ڪو به عملدار ناهي پهتو . ڊي سي ٺٽي نديم الرحمان ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعو سمنڊ اندر بِت ۾ ٿيو آهي جتي پهچڻ لاءِ 2 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا، تنهنڪري انتظاميا جلد پهچي نه سگهي پر متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، واقعي تي افسوس جواظهار ڪندي علائقي جي چونڊيل نمائندن پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي صادق ميمڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي غلام قادر پليجي چيو ته متاثر فوتين جي وارثن توڙي سڙي زخمين جي مڪمل مدد ڪئي ويندي. ڪيٽي بندر واقعي کي دردناڪ قرار ڏيندي چيو ته هن وقت سڙي زخمي ٿيلن جون زندگيون بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.اها حقيقت آهي ته قدرتي آفتون پڇي ناهن اينديون پر ڪنهن به آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميا جي ذميواري آهي ته متاثرن جي هر ممڪن مدد لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن لاپرواهي سبب وڌيڪ جانيون ضايع نه ٿي سگهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٺٽي ضلعي ۾ ڪيٽي بندر ۾ واقع ڳوٺ جي جهوپڙين ۾ لڳل باهه سبب هڪ ئي خاندا جي 10 ڀاتين جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪيٽي بندر ۾ انساني جانين جو ضايع ٿيڻ هڪ وڏو الميو آهي جنهن جو خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي. وڏي وزير ڪيٽي بندر جي لاڳاپيل انتظاميا کي هدايت ڪئي ته هو ڄاڻايل جاءِ جو معائنو ڪري فوري طور تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ان کان علاوه هن جهوپڙين ۾ رهندڙن جي مدد لاءِ بهتر اپاءَ ورتا وڃن ۽ سڙي زخمي ٿيلن کي فوري طور تي سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو وڃي ۽ انهن کي علاج جون بهتر سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ ان ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي.

چونڊيل نمائندن جي بقول ته آفتون پڇي ناهن اينديون سائين جن کي عرض آهي ته هي ته پاڻي اندر واقعو ٿيو آهي سڪي تي ٿيندڙ واقعن ۾ توهان وري ڪهڙا اڪ ڪارا ڪيا آهن، ڊي سي صاحب کي عرض آهي ته سائين جي بروقت امدادي ڪم نه ٿو ٿي سگهي ته بعد ۾ ڇا لاشن کي وڃي بچائيندا، هي ته ٻيٽ تي واقعو پيش آيو آهي پر مين شهرن ۾ به جيڪڏهن حادثا ٿين ٿا ته به انتظاميه پوليس جيان اصل مهل ٽاري ٺريل ماحول ۾ وڃي پنهنجا پر ڪڏائيندي آهي، دنيا چنڊ تي پهتي آهي پر اسان جو سسٽم اڃان به اڻويهه سئو اونڌهه ۾ پيو هلي، دنيا چنڊ تي پهتي اسان اڃان زمين کي نه ماپي سگهيا آهيون، هئڻ ته ائين گهرجي ته حادثن کان اڳ ان جو تدارڪ ڪيو وڃي پي جي ائين نٿو ٿي سگهي ته خدارا اهڙو سسٽم متعارف ڪرايو جو گهٽ ۾ گهٽ موقعي تي ته پهچي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *