ڪوڙن مقابلن ۾ ماريل نوجوانن سان انصاف ڪير ڪندو؟

 

ملير جي علائقي ڀينس ڪالوني ۾ پوليس جي مقابلو ڄاڻائي ساڪرو واسي نوجوان کي ماري ڇڏيو ، سکڻ ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 12 تي سکڻ پوليس هٿان جڙتو مقابلي ۾ مارجي هٿان الهداد ولد رستم ڪلمتي مارجي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو ڪريم خاصخيلي زخمي ٿي پيو. لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال پهچايو ويو جتان وارثن لاش وصول ڪري لاش ملير پريس ڪلب پهچي ويا جتي هنن قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، ٽٺي کان ڪراچي ايندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي مقتول جي وارثن وڏيرو عبدالرزاق ڪلمتي، صحافي عظيم ڪلمتي، انور ڪلمتي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سکڻ پوليس اسان جي نوجوان کي بيگناهه گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪريم خاصخيلي کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته  مارجي ويل نوجوان الهداد ڪلمتي مٿان ساڪرو توڙي ڪراچي ۾ ڪٿي به ڪو ڪيس وغيره داخل نه آهي، اسان جو نوجوان واڙي تي مزدوري ڪندو هو جنهن کي سکڻ پوليس اهلڪارن موٽرسائيڪل نه بيهارڻ تان قتل ڪيو آهي، هنن چيو ته اسين چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪيون ته نوجوان جي قتل جي واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي ۽ مقتول نوجوان الهداد ڪلمتي جو لاش سندس اباڻي ڳوٺ طالب ڪلمتي ميرپور ساڪرو نيو ويو، مقتول نوجوان شادي شده هو کيس ٻن پٽن جو اولاد هو. رابطو ڪرڻ تي سکڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او مٺل ڀرڳڙي صحافين کي ٻڌايو ته مارجي ويل نوجوان الهداد ڪلمتي ڏوهاري هو جنهن کي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي جڏهن ته سندس زخمي ساٿي فرار ٿي ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *