ڪوئٽا ۾ ٿيل قتل عام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا

 

ڪوئيٽا ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هزاره برادري سان تعلق رکندڙ پيءُ پٽ سميت 6 ڄڻا مارجي ويا آهن. ڪوئيٽا جي باچا خان چوڪ واري علائقي ۾ دهشتگردي جو واقعو پيش آيو، جتي اڻڄاتل هٿياربند هڪ چانهه جي دڪان تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ سميت پنج کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پنج ئي ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا جڏهن ته واقعي کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جنهن ٿڏي تان ثبوت گڏ ڪيا. چئن ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ٿي ويو جڏهن ته سڄي شهر ۾ ڪاروبار بند ٿيڻ شروع ٿي ويو. هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي. وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جا واقعا افسوس جوڳا آهن، هڪ سازش تحت صوبي جو امن خراب ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي ميڊيا رپورٽن موجب مارجي ويلن ۾ ٻارڙا به شامل آهن جڏهن ته اهي هزاره برادري سان تعلق رکندڙ آهن.  مجلس وحدت المسلمين ڪوئيٽا واقعي جي مذمت ڪئي آهي. علامه ناصر عباس جو چوڻ آهي ته 10 ڏينهن ۾ هزارن برادري جا 8 ماهو شهيد ڪيا ويا آهن. بلوچستان ۾ به ضرب عضب طرز تي آپريشن ڪيو وڃي. جڏهن ته ويراعظم واقعي جي مذمت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڏوهارين جو مڪمل خاتمو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج کي پنهنجو آپريشن اڃان وسيع ڪرڻو پوندو ته جيئن هر ننڍي وڏي شهر مان دهشتگرديءَ جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *