ڪمند جو اگهه ۽ سنڌ حڪومت جو موقف

 

ڪمند جي اگهه تي سنڌ حڪومت جو موقف چٽو آهي، اسان 182 رپيا اگهه آبادگارن کي وٺي ڏينداسون، مخدوم امين فهيم سروري، غوثيه ۽ هر جماعت جي گڏجڻ جي مونکي ڪابه خبر ناهي. مخدوم امين فهيم جنهن پارٽي جو صدر آهي ان جو مان وزيراعليٰ آهيان، امين فهيم ڪڏهن به پ پ نه ڇڏيندو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه روهڙي ڪئنال جي لائننگ واري ڪم جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪمند واري 82 رپيا اگهه وارو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي.اسان شگر ملن کي نوٽيس ڏنا آهن. جيڪڏهن اسان شگر ملز خلاف وڌيڪ سختي ڪئي ته سپريم ڪورٽ اسان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪندي. ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ اسان ڏانهن روزانو توهين عدالت جا نوٽيس موڪليندي رهندي آهي. هن چيو ته اسان آبادگارن کي ڦٽي ۽ سارين جا سٺا اگهه ڏياريا، هن چيو ته گذريل سال ڪمند جو اگهه 172 رپيا مڻ هو. جنهن تي شگر ملن کي نقصان هو ۽ هو عدالتن ۾ ويا هئا. هن پريس ڪلب نواب شاهه لاءِ 10 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن ته شرجيل ميمڻ، ايڪريڊشين ڪارڊ جي 500 رپيا سرڪاري في ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته اسان وٽ پنهنجي ڪڻڪ گدامن ۾ گهڻي موجود هئي ان باوجود وفاقي حڪومت يوڪرين کان صحت لاءِ هاڃيڪار ڪڻڪ گهرائي سنڌ جي مٿي ۾ هنئي آهي ۽ اسان مجبورن 4 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهٽ  اگهه تي ٻاهر ايڪسپورٽ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهيون. ان کان اڳ چيف انجينئر ليفٽ بئنڪ ريجن احمد جنيد ميمڻ، روهڙي مين ڪئنال جي لائننگ بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته چنيسر ريگيوليٽر کان هيٺ 10 ڪلو ميٽر ڪئنال جي سي سي لائننگ ڪئي ويندي، جنهن تي 3.44 بلين رپيا خرچ ايندو. لائننگ سان واهه ۾ سيمو بند ٿي ويندو ۽ 200 ڪيوسڪس پاڻي بچندو  جنهن سان 65 هزار ايڪڙ وڌيڪ زرعي زمين آباد ٿي سگهندي. هن چيو ته جيڪڏهن روهڙي ڪئنال کي نصير ڊويزن تائين پڪو ڪيو وڃي ته 800 ڪيوسڪس وڌيڪ پاڻي ملندو جڏهن ته نصير ڊويزن ۾ 1300 ڪيوسڪس پاڻي جي کوٽ آهي. جنهن سان پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته  پنجاب سدائين پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي ٿو. ارسا توڙي مرڪزي حڪومت سنڌ جي ان شڪايت تي ڪوبه توجهه نٿي ڏئي. وزيراعليٰ ۽ وزير خزانا سيد مراد علي شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته روهڙي مين ڪئنال واري لائننگ واري ڪم جي ڪري جيڪي شاخون پڪو ڪرڻ واري پروگرام ۾ آهن. انهن تي ڪوبه اثر نه پوندو ۽ انهن کي پروگرام مطابق پڪو ڪيو ويندو. وزيراعليٰ قائم علي شاهه چيو ته مخدوم محمد امين فهيم اسان جي پ پ پارلياماني پارٽي جو صدر ۽ اڳواڻ آهي ۽ اسان جو ان تي مڪمل اعتماد آهي. ڪابه ڌڙابندي نه آهي .هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد  الطاف حسين سان رابطي جي ڪابه خبر نه آهي.سياست ۾ ڪوبه حرف آخر نه آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ کنڊ جي اگهه تي ضابطي لاءِ پرائس ڪنٽرول ايڪٽ موجود آهي. جنهن تحت کنڊ  تي ناجائز منافعو وٺندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. غافل نه آهيون هن چيو ته روهڙي ڪئنال جي لائننگ سان سم ۽ ڪلر جو خاتمو  ايندو. آبادگارن کي واڌو پاڻي ملڻ سان فصل جي پيداوار وڌندي ۽ سنڌ ۾ خوشحالي ايندي. هن چيو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ۽ ڏڪار آهي پر حڪومت وس آهر خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آهي. حڪومت هن سال ڪڻڪ ٻاهر موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي حيثيت ۾ آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *