ڪرپشن ….

ڪرپشن ۽ ڪارو ڌن هن ملڪ کي هلائيندڙ نظام جو سهارو بڻايو ويو آهي اها حقيقت آهي، سرڪاري معيشت جي وڌندڙ بحران جي ڪري اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي، مهگانگائي، بيروزگاري ۽ رهڻ لاءِ ڇپر ڇانو کان محروم بدحال عوام کي تباهه ڪيو ويو آهي، اصل ۾ بليڪ مارڪيٽ جي سهاري تي ئي بدعنواني جو هي سڄو چرخو هلي پيو، هن ملڪ جا اڪثر حڪمران ۽ ڪاروباري شخصيتون محنت جي ڪمائي حاصل ڪرڻ کان خوفزده آهن، ان ڪري ئي هو ناڪام ٿي چڪيون آهن، ڪِن سياست جو سهارو وٺي ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن ته وري ڪن سفارشي ڪلچر کي برپا ڪري رکيو آهي ۽ اهي ئي عنصر عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ ڏکيائن جا ذميوار آهن. معاشري جو ڪوبه اهڙو فرد، ادارو يا شعبو ناهي بچيو، جيڪو ڪرپشن کانسواءِ هلي سگهندو هجي، هي ڪهڙو ناٽڪ آهي جو جن هن ڌرتيءَ تي جنم ورتو، جيڪي هن ڌرتيءَ جي سيني مان نڪتل اَنُ کائين ۽ ان جو پاڻي پيئن، جن لاءِ هيءَ ڌرتي ڇپر ۽ ڇانو آهي، اتي جيڪڏهن پنهنجن ئي ماڻهن سان دوکو ڪري بدعنواني ڪئي وڃي ته اهڙي ڪردار کي غدار کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪوٺي سگهجي؟ اصل ۾ سدائين ڪرپشن جي کلاڙين عوام کي ڄاڻي واڻي مسئلن ۾ ڦاسائي رکيو آهي ته جيئن هُنن لاءِ بدعنواني جا رستا کُليل رهي سگهن. اسان جو معاشرو اڳ ئي تعليم، صحت، بجلي ۽ گئس سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم رهيو آهي، ان جا ڪارڻ معلوم ڪجن ته اهو ئي پتو پئي ٿو ته ان جا ذميوار اهي ئي نمائنده آهن، جن کي عوام انهيءَ اميد سان ووٽ ڏئي ايوانن تائين پهچايو ته هو اُتي پنهنجي تڪ جي عوام جي اهنجن، مصيبتن ۽ تڪليفن کي ٻڌائي انهن ڏکيائين کان ڇوٽڪارو ڏياريندا، پر هتي ته نظام ئي ان جي ابتڙ هلي پيو، بي وس ۽ لاچار ماڻهن کي رليف ڏيڻ بدران انهن جي زندگين کي اڳ کان به وڌيڪ اذيتناڪ بڻايو ويو آهي. سنڌ جي آبپاشي نظام کي ڪرپشن ۽ بيقاعدگين جي ور چاڙهي هٿ سان تباهه ڪيو ويو آهي، نه ته سنڌ جي نهري نظام جي سڄي دنيا ۾ هاڪ هلندي هئي، پر اڄ جڏهن آبپاشي نظام جو جائزو وٺنداسين ته سواءِ بدعنوانين، ڪامورن جي ڪارن ڪرتوتن ۽ پاڻيءَ جي کوٽ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ملندو، اهو ئي سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي ته جيڪو سنڌو درياءَ جو پاڻي ٿر جي ريت کي به چيري ماروئڙن جي لبن تائين پهچندو هو، اڄ اتي به واريءَ جا دڙا ڪر کنيو مٺي پاڻيءَ جا منتظر بيٺا آهن، پر جنهن انداز ۾ سنڌ جي آبپاشي نظام کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي، ان کي اڳيان رکندي اهو ممڪن نٿو لڳي ته سنڌوءَ جو پاڻي ماروئڙن جي ديس ۾ وڃي پهچي ۽ ماضيءَ جو وهڪرو بحال ٿي سگهي. بهرحال، آبپاشي کاتي ۾ جيڪا ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ان کي نندڻ سان گڏ اسين اهو مطالبو ٿا ڪريون ته بدعنواني ۽ بي ضابطگين ۾ جيڪي به ڌريون ۽ ڪامورا ملوث آهن، تن جو گهيرو تنگ ڪري کين قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي ۽ کين عبرتناڪ سزا ڏئي اهڙو مثال قائم ڪيو وڃي ته جيئن ٻئي ڪنهن به ڪاموري کي سنڌ جي آبپاشي نظام سان ڪرپشن وارو کيڏ کيڏڻ جي جرئت نه ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *