ڪرپشن خلاف ٿيندڙ احتجاج…!

 

حيدرآباد ۾مختلف اسڪولن جي ماسترياڻين، توڙي متاثر عورتن شاهده پروين، شاهين، گلشن، نرگس، خاتون، شهنيلا ۽ ٻين ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته پ ٽ الف جي اڳواڻن تعليم کاتي ۾ ماستري، ڪلارڪي ۽ پٽيوالي جون نوڪريون ڏيارڻ عيوض ڪروڙين رپيا ورتا، جڏهن ته هنن مختلف عورتن کي ڪوڙا آرڊر ڏنا.هنن چيو ته اسان شڪايت ڪئي جنهن تي هو  ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ان موقعي تي تفصيل ٻڌائيندي پٺاڻ ڪالوني پرائمري اسڪول جي ماسترياڻي شاهده پروين ٻڌايو ته پ ٽ الف جو اڳواڻ (م ک) پاڻ کي وزيرن جو دوست سڏرائيندو آهي ۽ هن پڪ ڏني هئي ته هو پئسن عيوض کين نوڪريون وٺي ڏيندو. هن چيو ته اسان م ک کي 17 نوڪرين لاءِ ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنا. بئراج ڪالوني گرلس پرائمري اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي مسمات خاتون ٻڌايو ته هن م ک کي نوڪرين جي11 آرڊرن لاءِ 11 لک رپيا ڏنا. مريم چيو ته هن 25 لک رپيا ڏنا آهن، پر کيس هڪ به آرڊر ناهي ڏنو ويو، سميرا 14 لک رپيا، شهنيلا ڏيڍ لک، نرگس 80 هزار، گلشن ڏيڍ لک ڏنا، متاثر عورتن پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل فراڊي ٽولي خلاف ايس ايس پي سميت تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي درخواستون ڏنيون آهن پر ڪو به تدارڪ نه ٿو ٿئي، جڏهن ته ڄاڻايل جوابدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چتاءُ ڏنو ته فوري طور تي فراڊ ڪندر پ ٽ الف اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪري سندن رقم واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،

ضرورت ان ڳالهه آهي ته جتي ڪرپشن ڪندڙ ٽولا پنهنجون سرگرميون جاري رکيون پيا اچن اتي عوام به انهن هٿان شڪار پيو ٿئي پر سوال اهيو آهي ته ڇا ڪرپشن ڪندڙ ٽولا پاڻ اهي سرگرميون جاري رکيون پيا اچن يا عوام پاڻ انهن وٽ وڃي ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿو. ان ڪري ڪرپشن خلاف آواز اٿارڻ سان گڏوگڏ پنهنجي اندر مان به ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو پوندو. ڪنهن به لالچ ۾ اچي نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ پئسه ڏيڻ بدران ميرٽ جو احترام ڪندي ٽيسٽ ڏئي نوڪري ماڻجي ته ڪرپشن جو تمام جلد خاتمو اچي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *