ڪراچي ۾ هلڪي برسات ۽ نااهلي انتطاميه..!

 

سومر تي شام کان شروع ٿيل هلڪي برسات ڪراچي جي انتظاميه کي بي وس ڪري ڇڏيو،  وقفي وقفي سان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پيل هلڪي برسات شهر جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو، جڳهه جڳهه تي پاڻي جمع ٿي ويو،  ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، روڊ پسيل هئڻ ڪري موٽر سائيڪلون سلپ ٿيڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا،  جتي هلڪي برسات جتي بلدياتي انتظامن جا پول پڌرا ڪيا اتي ڪي اليڪٽرڪ جي پت به وائکي ڪري ڇڏي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه جي نااهلي اڌ شهر اونداهي ۾ ٻوڙي ڇڏيو،  ڪيترن ئي هنڌن تي 18 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي بحال نه ٿي سگهي،  موسميات کاتي ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن جو منهن رڪارڊ ڪيو جنهن موجب سڀ کان وڌيڪ مينهن لانڍي ۾ 31 ملي ميٽر ريڪارڊ  ڪيو ويو. گلستان جوهر ۾ 29، نارٿ ڪراچي 6، ناظم آباد ۾ 10، پي ايف بيس، فيصل ۽ مسرور بيس جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 12 ملي ميٽر برسات ريڪارڊ ڪيو ويو. حيدرآباد ، ميرپورخاص ۽ ٽنڊو الهيار ۾ برسات کان بعد مرڪزي شاهراهون شاهراهون ندين نالن جو منظر پيش ڪرڻ لڳيون. کااتي اها به اڳڪٿي ڪئي اهي  ملڪ جي ٻين شهرن سميت سنڌ جي  ميرپرخاص ۽ ٺٽي ڊويزن ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي.سنڌ جي  بلديات جي صوبائي وزير لاڳاپيل ادارن کي 2 ڪلاڪن اندر روڊن ۽ گھٽين پاڻي ڪڍڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي گڏگڏ چتاءُ به ڏنو ته ڪوتاهي ڪرڻ تي آفيسرن ۽ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويندا، شوڪاز جڏهن جار ي ٿين في الحال ته عوام سخت پريشاني جو شڪار آهي، روڊ رستا پاڻي سان ڀريل آهي، ماڻهن کي اچ وڃ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، مسلسل هلندڙ هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ ٿڌ ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *