ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب ٻن ڏينهن ۾ 225 ماڻهو فوت ٿيڻ جو انڪشاف

 

ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر باوجود لوڊشيڊنگ جاري آهي. ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب 150 ڄڻا فوت، ٻن ڏينهن ۾ 225 ماڻهو فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. لوڊشيڊنگ خلاف مختلف شهرن ۾ عوام سراپا احتجاج بڻيل رهيو. ڪراچي ۾ قيامت آڻيندڙ گرمي سبب 24 ڪلاڪن دوران 150 ماڻهو فوت ٿي ويا،  ايڌي سينٽر جي انچارج جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ شديد گرمي جي لهر ڪري گذريل 24 ڪلاڪن دوران 150 ماڻهن جا لاش ايڌي سرد خاني آندا ويا آهن، فوتين مان اڪثريت وڏي عمر وارن جي آهي، جيڪي سخت گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿيا آهن، هن ٻڌايو ته ايڌي سردخاني ۾ 24 ڪلاڪن دوران 150 لاش اچڻ ڪري لاش رکڻ جي جاءِ نه رهي آهي جنهن ڪري 30 لاش لاوارث قرار ڏئي دفن ڪيو ويو ويو آهي. جناح اسپتال انتظاميا گذريل ڏينهن 50 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. عباسي شهيد اسپتال ۾ 19 ڄڻا گرمي سبب فوت ٿيا. اسپتال انتظاميا موجب دماغ جي رڳ ڦاٽڻ، ڊي هائيڊريشن ۽ گرمي جي بخار سبب فوتگيون ٿيون آهن. ڪڙيو گهنور ويجهو ڳوٺ سهراب نظاماڻي ۾ 60 ورهين جي الهه جڙيو نظاماڻي دم ڏنو، پياري لنڊ شهر ۾ پورهيت داد محمد بروهي فوت ٿي ويو. ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، سحري توڙي افطاري جي وقت تي بجلي غاعب هجڻ ۽ سخت گرمي ۾ بجلي نه ملڻ ڪري مختلف علائقن ۾ شهرين روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪيو، ان ڏس ۾ گذريل رات ديرسان ڪورنگي اڍائي نمبر واري علا.قي ۾ شهرين احتجاج ڪري مين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڪورنگي زمان ٽائون واري علائقي ۾ رهواسين بجلي بند هجڻ خلاف گهرن مان نڪري احتجاج ڪيو، پٽيل پاڙي، جيڪب لائين، بلوچ پاڙي جي رهواسين نمائش چورنگي وٽ احتجاج ڪيو، غريب آباد، گلشن اقبال ۽ ابوالحسن اصفهاني روڊ وارن علائقن ۾ پڻ بجلي جي فراهمي معطل رهي، هوڏانهن ڪامران چورنگي وٽ بجلي بند هجڻ خلاف رهواسين سخت احتجاج ڪيو ان دوران اتان گذريندڙ ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏي تي پٿراءُ ڪري ان جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، هوڏانهن گڏاپ واري علائقي ۾ تيز رفتار ڊمپر هاءِ ٽرانسميشن لائين سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن کي بجلي جي سپلاءِ معطل ٿي وئي  سخي حسن، ڪورنگي ۾ احتجاج ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ لوڊشيڊنگ خلاف شهرين ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هنيو. ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص، دادو ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لوڊشيدنگ سبب شهري رستن تي نڪري آيا. قومي شاهراهه ۽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻا هنيا ويا. ملتان ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاج ڪيو. راولپنڊي، زيارت ۽ پشاور ۾ به احتجاج ڪيو ويو. سخت گرمي سبب ٽنڊي جان محمد ۾ 3، صالح پٽ ۾ 2، چوهڙ جمالي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. تنگواڻي ۾ هڪ ڄڻو فوت، ڪالهه تربت ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موهن جو دڙو ۽ سبي ۾ 44، جيڪب آباد، دادو ۽ ڪراچي ۾ 42، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ ڇور ۾ 41، نواب شاهه ۾ 39، بهاولپور ۽ ملتان ۾ 37 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي 23 جون بعد گرمي جو زور ٽٽڻ جو امڪان ڏيکاريو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي گهرجي ته هن سخت گرميءَ دوران عوام کي بجلي فراهم ڪري ته جيئن رمضان جهڙي ڀلاري مهيني ۾ عوام سڪون جو ساهه کڻي سگهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *