ڪراچي ۾ امن لاءِ پوليس کي غير سياسي بڻائڻ جو فيصلو

 

وزيراعظم ميان محمد نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪراچي پهچي انتهائي مصروف ڏينهن گذاريو، سندن انهن مصروفيتن مان سڀ کان وڌيڪ اهم سرگرمي قومي ايڪشن پلان تي عملدارآمد جي حوالي سان سنڌ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس هو، جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ ٻين عسڪري، سول ادارن جي اعليٰ عملدارن ۽ حڪومتي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ انتهائي اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ تجويزون به سامهون آيون جن تي جيڪڏهن سئو سيڪڙو عمل ٿئي ته واقعي به هن ملڪ ۾ پائيدار امن جو قيام ناممڪن ڪونهي، خاص طور تي ڪراچي جو امن بحال ٿي سگهي ٿو. جتان جا رهواسي سالن کان روشنين جي شهر جي روشنين جي بحالي لاءِ ترسي رهيا آهن، هر رخ کان معاملن کي ڏٺو ويو، بلديه سانحو، ٽارگيٽيڊ آپريشن سميت ٻيا ڪافي معاملا غور هيٺ آيا، جن جي حوالي سان مختلف خانگي ٽي وي چئنلز تي اندورني ڪهاڻي جي عنوان سان ڪالهه دير تائين خبرون نشر ٿينديون رهيون. ماضي ۾ به وزيراعظم ۽ آرمي چيف ڪراچي ايندا رهيا آهن، امن امان سميت اهم معاملن تي فيصلا ٿيندا رهيا آهن جن ۾ اهم فيصلو ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري رکڻ جو آهي ۽ گڏوگڏ ٻيا به اهم فيصلا شامل آهن، جن ۾ بندش پيل تنظيمن جي خلاف ڪارروائي شامل آهي. اهم اجلاسن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن تائين ته تحرڪ ٿئي ٿو پوءِ نه ڄاڻ ڪهڙن سببن جي ڪري ماٺار اچي وڃي ٿي اهو ئي سبب آهي جو اجلاس دوران وزيراعظم مختلف موقعن تي لاڳاپيل ماڻهن کان سوال ڪيا ۽ ميڊيا جي رپورٽن موجب رينجرز جي ڪارڪردگي تي اعتماد ڏيکاريو پر پوليس جي ڪارڪردگي جي حوالي سان عدم اطمينان جو اظهار ڪيو،حڪومت جي سربراهه پاران پوليس جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ڄڻ ته عام ماڻهن جي جذبن جي ترجماني هجي ڇاڪاڻ جو اسان وٽ گهڻو تاثر اهو آهي ته پوليس ۾ سياسي مداخلت ٿئي ٿي جنهن جي ڪري اها طئي ڪيل فيصلن تي عمل ڪرڻ کان قاصر آهي ۽ نتيجا ٻڙي جي صورت ۾ملن ٿا، بس رڳو اجلاسن پٺيان اجلاس ته ٿين ٿا پر جڏهن ڪارڪردگي جي ڳالهه ٿئي ٿي ته پوليس جي حوالي سان گهڻي مايوسي ٿئي ٿي، وزيراعظم پاران واضح لفظن ۾ اهو اعلان ته قومي ايڪشن پلان تي ناڪامي جو ڪو به آپشن ڪونهي، اهو به قوم جي ئي ترجماني آهي، ڇاڪاڻ جو سموري قومي ۽ عسڪري قيادت جي اتفاق راءِ سان ئي قومي ايڪشن تي پلان تي اتفاق ٿيو هو ان تي عملدارآمد ۽ ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته ادارن ۾ سهڪار هجي ۽ انهن کي مڪمل خود مختياري مليل هجي ته جيئن اهي طئي فيصلن تي عمل ڪري سگهن، آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاران اها تجويز ته ڪراچي ۾ امن لاءِ پوليس کي غير سياسي ڪرڻو پوندو انتهائي معقول تجويز آهي ڇاڪاڻ جو پوليس غير سياسي فورس ٿيندي ته هر قسم جي ڏوهارين خلاف سياست، مذهب ۽ فرقي کان مٿانهون ٿي ڪارروائي ٿي سگهندي. تنهنڪري ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ اثرائتي قدمن جي ضرورت آهي، اثرائتا قدم يا اثرائتا فيصلا عمل جا گهرجائو آهن جيڪڏهن پوليس کي فري هينڊ ڏئي ان تجويز تي عمل ڪيو وڃي ته شايد ڪراچي ۾ امن جي بحالي جو خواب ساڀيان ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *