ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا پاليسي جو ٺهراءُ

گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، ٺهراءُ جو متن هو ته ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي ۾ ڪراچي، سنڌ ۽ پاڪستان جو ڪرائيٽيريا ختم ڪئي وڃي۽ ميرٽ جي بنياد تي داخلا ڏني وڃي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج خان دراني جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي خيرالنساءُ مغل، سيد سردار علي شاهه ۽ فنڪشل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي خانگي ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کي ايوان ايم ڪيو ايم جي غير موجودگي ۾ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، ٺهراءُ جي روشني ۾ پ پ ميمبر خيرالنساءُ مغل چيو ته ڪراچي يونيورسٽي پاران داخلا پاليسي به سنڌ جي ورهاست واري سوچ تي ٻڌل آهي جنهن کي هر گز قبول نه ڪنداسين، وي سي اهڙي داخلا پاليسي نافذ ڪري پنهنجي نا اهلي جو ثبو ت ڏنو آهي ۽ اهڙي پاليسي کي ڪو به سنڌ جو ماڻهو قبول نه ڪندو ، ڪراچي يونيورسٽي جي اهڙي عمل سان اهڙو تاثر ڏنو ويو آهي ته ڄڻ ڪراچي سنڌ صوبي جو حصو ئي ناهي، اهڙي عمل سان مايوسي ٿي آهي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ صرف ڪراچي جي ڪوٽا رکي سنڌ جي ٻين ضلعن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي، پي اي سي جي اجلاس ۾ وي سي پاليسي بابت چيو هو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ 40 سيڪڙو ڪوٽا سنڌ جي ٻين ضلعن لاءِ رکي وئي آهي هاڻي خبر پئي ته پاليسي تبديل ڪئي وئي هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي ظالماڻه داخلا پاليسي وارو ڪارو قانون اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور ۾ ٺاهيو ويو، ارباب غلام رحيم هيو ته سنڌ جو وڏو وزير، پر هلندو هو ٻين جي اشارن تي هيو، اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي يا نه؟ ۽ ٿر، ڪنڌڪوٽ، سکر، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ٻين ضلعن جي نوجوانن جي لاءِ ڪراچي يونيورسٽي نوگو ايريا ڇو بڻائي وئي آهي.

ف ليگ جي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي ۾ گلگت بلستان جي شاگردن کي داخلا جو حق حاصل آهي ته پوءِ صوبي جي ٻين ضلعن جا نوجوان ڪاڏي وڃن، هن يونيورسٽي جو وي سي ملڪ جي آئين ۽ قانون کان مٿاهون آهي، وڏو وزير ۽ تعليم وارو وزير فوري ڪارروائي ڪري، ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي ڪنهن جي شرارت آهي ۽ اسان کي سنڌ حڪومت جواب ڏي ته هن ايوان ۾ مهاجر صوبي جي ڳالهه ڪئي وئي ۽ اڄ هڪ دفعو وري مهاجر آفيسرن جي بدلين جو مسئلو اٿاريو ويو پر حڪومت ڪا خاطر خواهه جواب نه ڏئي سگهي. پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي ۾ ڪراچي يونيورسٽي جو وي سي اچي ڪوڙ ڳالهائي ٿو وڃي ته ان کي طلب ڪري پڇيو وڃي ته ان اهڙو ڪوڙ ايوان جي قائم ٿيل ڪميٽي ۾ ڇو ڳالهايو، ان خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي تي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ سنڌسرڪار کان مطالبو ڪيون ٿا ته  اهڙي داخلا پاليسي کي فوري طور تي رد ڪري يونيورسٽي انتظاميا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پ پ ايم پي اي سيد سردار علي شاهه چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي ڪراچي جي لاءِ  الڳ ۽ سنڌ ٻهراڙي جي لاءِ  الڳ رکي وئي آهي. يونيورسٽي ۾ اڳ 4 سئو سيٽون ڪراچي جي ٻاهرين شاگردن لاءِ مقرر ڪيون ويون هيون ان ڪوٽا کي گهٽائي 40 تائين آندو ويو ۽ هاڻي اڃان به گهٽايون ويون آهن جيڪو عمل پڻ ملڪ جي قانون ۽ آئين جي خلاف ورزي آهي ۽ اهڙو عمل معافي جوڳو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *