ڪراچي وري دهشتگردن جي نشاني تي

ڪراچي جي پاڪستان بازار ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائون جي علائقي بنگلا بازار ۽ ڊسڪو موڙ ڀرسان چئن موٽر سائيڪلن تي سوار اڻڄاتل  8 هٿيار بندن پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر پوليس تي ٻن ڌار ڌار  حملن جي نتيجي 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا، واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس ڇائجي ويو، اطلاع ملندي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پهچي علائقي جو گهيراءُ ڪري ڏنو، شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪارن جا لاش  ضروري ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال پهچايا ويا.  جتي سندن سڃاڻپ وزير احمد، غلام رسول، دائم الدين، غلام حسين ، رستم ۽ محمد اسماعيل طور ٿي.شهيد اهلڪارن ۾ ٻن جو تعلق گهوٽڪي ۽ هڪ جو تعلق شهدادڪوٽ سان ٻڌايو پيو وڃي. پوليس اهلڪارن تي حملي کان پوءِ اورنگي ٽائون ۾ پوليو جي مهم کي فوري طور تي روڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته بزدل دهشتگرد قوم کي معذور بڻائڻ چاهين ٿا پر سندن خواهش پوري ٿيڻ نه ڏني ويندي. سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته واقعو سڪيورٽي ليپس نه هو، پوليس اهلڪارن پنهنجون جانيون ڏئي پوليو رضاڪارن کي بچايو آهي. حملو اوچتو ٿيو، پوليس اهلڪارن کي پاڻ سنڀالڻ جو موقعو به نه مليو. ڊي آءِ جي ويسٽ فيروز شاهه  موجب ته چئن موٽرسائيڪلز تي سوار 8 هٿياربندن پهرين موبائيل ۾ سوار چئن اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي ۽ بعد ۾ ٽن پيادل اهلڪارن کي به نشانو بڻايو، ٻنهي حملن ۾ نائين ايم ايم پسٽل استعمال ڪيا ويا، شهيد اهلڪارن مان ٽن جو تعلق گهوٽڪي ۽ ٽن جو شهدادپور سان آهي، دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪارن ۾ وزير علي چاچڙ، دائم چاچڙ ۽ غلام رسول ميمڻ جو تعلق گهوٽڪي سان  آهي،  محمد اسماعيل جو تعلق ڪراچي سان ۽ غازي خان جو تعلق شهدادپور سان ٻڌايو وڃي پيو. فرانزڪ ٽيمن واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ رينجرز ڳولاڪندڙ ڪتن جي مدد سان واقعي جو جائزو ورتو.  پوليس ۽ رينجرز اورنگي ۾ پوليو ٽيمن تي حملي جي گڏيل جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *