ڪراچي جي 6 لک ايڪڙ زمين جو سروي نه ٿيڻ جو انڪشاف

 

سنڌ ۾ ٽوٽل 3 ڪروڙ ايڪڙ زمين آهي، جنهن مان  هڪ ڪروڙ 25 لک 39 هزار ايڪڙ زمين عوام جي ملڪيت آهي باقي  هڪ ڪروڙ 74 لک 51 هزار ايڪڙ زمين سنڌ سرڪار جي ملڪيت آهي. جنهن ۾  6 هزار ديهن مان  2هزار 224 ديهن جي زمين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي وڃڻ ۽ ڪراچي ۾ 6 لک 41 هزار  4 سئو ايڪڙ زمين  بنا سروي هجڻ ۽ صوبي جي 30 لک 50 هزار ماڻهن وٽ 4،4 ايڪڙ زمين هجڻ ، ٻه لک ستهٺ هزار  هڪ سئو اٺهتر ماڻهن وٽ 5 کان 16 ايڪڙ ،۽ هڪ لک 5 هزار 841 ماڻهو  16، 16 ايڪڙ زمين  هجڻ، جڏهن ته زمين جي  سڄي رڪارڊ جو 29 سيڪڙو رڪارڊ بنا ورڇ ٿيل آهي، 19 سيڪڙو سروي نمبر موجود ناهن، 20 سيڪرو انٽريون بنا خريدار جي ڪيون ويون آهن، 2 سيڪڙو انٽريون تصديق جوڳيون ناهن ۽ هڪ سيڪڙو ۾ يا ته سروي نمبر نه هيو يا وري ڊيپليڪيٽ انٽريون هجڻ ،جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف  ڪالھه سي ايم هائوس ۾  پاڪستان جي اڳوڻي صدر  ۽ پي پي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارت ۾ ٿيل لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ اجلاس ۾ ٿيو آهي. هن سنڌ   حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته زمين جو رڪارڊ ڪمپيو ٽرائيزڊ  ڪيو ته جيئن مالڪاڻي حقن وارو رڪارڊ به محفوظ رهي ۽ ان سان گڏ ڍل جي نظام کي به سنڌ بئنڪ سان ڳنڍيو وڃي ته جيئن  ڪمپيوٽرائيزڊ وصولي سان سنڌ جو روينيو به وڌي سگھي، ان موقعي تي  سنڌ جي وڏي وزير  سيد قائم علي شاھه کيس آگاهي ڏني ته سندس هدايت تي 2011 ۾ 4 ارب 99 ڪروڙ 74 لک 50 رپين جي لاڳت سان اها رٿا شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا هلندڙ مالي سال ۾ مڪمل ٿي ويندي. هن ٻڌايو ته صوبي ۾  6 هزار ديهون آهن جنهن مان هن وقت تائين 2 هزار 224 ديهن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي چڪو آهي. اها ڊيٽا تصديق  واري عمل هيٺ آهي. جنهن مان 1 هزار 237 ديهن  جو رڪارڊ تصديق ٿي چڪو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ ٽوٽل 3 ڪروڙ ايڪڙ زمين آهي، جنهن مان  هڪ ڪروڙ 25 لک 39 هزار ايڪڙ زمين عوام جي ملڪيت آهي، باقي  هڪ ڪروڙ 74 لک 51 هزار ايڪڙ زمين سنڌ سرڪار جي ملڪيت آهي. ان موقعي تي بورڊ آف روينيو جي ميمبر ذوالفقار شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته روينيو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ سنڌي سافٽ ويئر  تيار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته روينيو جو رڪارڊ سنڌي ۾ آهي، ڪمپيوٽرائيزڊ رڪارڊ ۾ زمين جي مالڪ جي تصوير ۽ آڱوٺي جو نشان به شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته اهو ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي  شعبي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ بي روزگارن کي روزگار ملندو. هن ٻڌايو ته ان رڪارڊ کي مختلف مرحلن مان گذاريو وڃي ٿو، جنهن ۾ اسڪيننگ، رڪارڊ جي ترتيب، اسڪيننگ ڪيل رڪارڊ جي معلومات کي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪرڻ، پوءِ وري لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر کان ان معلومات جي تصديق ڪرائڻ، ان کي ڪراچي ۾ قائم ڊيٽا سينٽر  ۾ محفوظ ڪرڻ، ڪنهن اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حيدر آباد ۾ ڊزاسٽر ريڪوري سيل به قائم ڪيو ويو آهي، ان کان سواءِ سڄي صوبي ۾ 27 سينٽر به قائم ڪيا ويا آهن،”سنڌ زمين“ جي نالي سان هڪ ويب سائيٽ به تيار ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اهو به ٻڌايو ويو ته صوبي جي 30 لک 50 هزار ماڻهن وٽ 4،4 ايڪڙ زمين آهي، ٻه لک ستهٺ هزار  هڪ سئو اٺهتر  ماڻهن وٽ 5 کان 16 ايڪڙ ۽ هڪ لک 5 هزار 841 ماڻهو  16، 16 ايڪڙ زمين  جا مالڪ آهن، جڏهن ته سڄي رڪارڊ جو 29 سيڪڙو رڪارڊ بنا ورڇ ٿيل آهي، 19 سيڪڙو سروي نمبر موجود ناهن،20 سيڪرو انٽريون بنا خريدار  جي ڪيون ويون آهن، 2 سيڪڙو انٽريون تصديق جوڳيون ناهن ۽ هڪ سيڪڙو ۾ يا ته سروي نمبر نه هيو يا وري ڊيپليڪيٽ انٽريون ٿيل آهن. مائيڪرو فلمنگ جي جاءِ تي اسڪيننگ سروسز کان ڪم ورتو پيو وڃي ته جيئن ساڳي ڏينهن واپسي جي سهولت ميسر ٿي سگھي، اهي مڪرز، ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ موٽر وهيڪل في وانگر سروس فراهم ڪندا، ان رڪارڊ کي ڊجيٽل رڪارڊ ۾ تبديل ڪيو ويندو، جيڪو آن لائين به موجود هوندو، اسٽيمپ رجسٽريشن لاءِ پيپلز سروسز سينٽر قائم ڪيا ويندا، سنڌ بينڪ جي مدد سان اهو زمين جو رڪارڊ 2 سئو برانچن م موجود هوندو،  جنهن سان مالي ادارن ۽ عوام ۾ رابطي ۾ فائدو ٿيندو، ٻئي ته طرف اهو به انڪشاف ٿيو ته  ڪراچي ۾ مجموعي طور تي 9 لک 211 ايڪڙ زمين آهي، جنهن مان 6 لک 81 هزار ايڪڙ زمين بنا سروي ٿيل آهي، جڏهن ته 6 لک 41 هزار 406 ايڪڙ زمين سروي ٿيل آهي، بنا سروي ٿيل زمين ”نا“ ڪلاس  جو درجو ڏئي سروي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صوبي ۾ 1 ارب 90 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان اسٽيمپس ۽ رجسٽريشن جي آٽوميشن جي رٿا شروع ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *