ڪراچي جو امن

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته ڪراچي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ امن امان بابت ڪور هيڊڪوارٽرز ڪراچي ۾ خاص اجلاس ٿيو. 6 ڪلاڪ جاري رهندڙ اجلاس ۾ ڪراچي ۾ هلندڙ ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ ضرب عضب آپريشن سميت مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڊيجي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ، ڊي جي ايم آءِ نديم ذڪي ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي ٽارگيٽيڊ آپريشن بابت بريفنگ ڏني. امن امان بابت اجلاس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته ڪراچي شهر توڙي ان کان ٻاهر ملڪ جي ٻين حصن ۾ پرامن ۽ بي خوف زندگيءَ کي يقيني بڻايو وڃي. ڳجهن ادارن دهشتگردن جو پتو لڳائي سندن نيٽ ورڪ ٽوڙيو آهي، جنهن تي انٽيليجنس ايجنسين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، ڪراچي جي عوام جو تحفظ هر حال ۾ يقيني بڻايو ويندو. ٽارگيٽيڊ آپريشن لاءِ رينجرز جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. رينجرز سميت ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن ڪراچي ۾ دهشتگردن جي نيٽ ورڪس کي بي نقاب ڪيو، انٽيليجنس ادارن جي ڪوششن سان نه رڳو دهشتگردن جي انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ويو، پر ان جي ڪراچي توڙي ڪراچي کان ٻاهر به ٺڪاڻن کي ختم ڪيو ويو. عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، اسان شهرين جي پرامن ۽ بي خوف معمول واري زندگي کي ممڪن بڻائينداسين، ملڪ جا انٽيليجنس ادارا دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جو پتو لڳائڻ ۽ سندن چيلهه چٻي ڪرڻ تي مبارڪباد جا مستحق آهن.

سنڌ ۾ جيڪو هن وقت امن امان قائم ٿيو آهي ان ۾ خاص طور تي سنڌ حڪومت جون ڪوششون آهن ۽ وفاق جي اها دعويٰ ته سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو آهي جيڪا ڏيکاءُ جي ڳالهه آهي ۽ ان ۾ سمورا استعمال  ٿيندڙ وسيلا اهي سنڌ حڪومت جا آهن ۽ ان ۾ رينجرز جو به ڪردار آهي وفاقي وزير گهرو جيڪو سنڌ ۾ امن امان لاڳو ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي فقط هڪ ڀيرو سنڌ ۾ آيو هو ۽ چيو ته ان مسئلي کي پاڻ ئي سنڀاليو انڪري اهي مسئلا اسان پاڻ ئي سنڀاليا آهن ۽ الحمدا لله اسان ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي . دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن امان قائم ڪرڻ کانپوءِ اسانجي اولين ترجيح ماڻهن کي وڏي انگ ۾ روزگار فراهم ڪرڻ  آهي ڪراچي جا شهري مڃن ٿا ته هاڻي ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿي ويو آهي ۽ اتان جا رهواسي هاڻي ڪراچي شهر ۾ آزاداڻي  طرح سان گهمي ڦري سگهن ٿا ۽ اهي خريداري به ڪن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *