ڪاڙهه ۽ لوڊشيدنگ

گرمي ۽ لوڊشيڊنگ هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم بڻيل آهن. هڪ ڪاڙهي جهڙي گرمي، ٻيو بجلي بند، عوام جي زندگي زهر نه ٿيندي، سندن جيئڻ جنجالُ نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو. پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهن، يعني رب تعاليٰ اسان کي چئني مندن پاڻي، جبلن، ٿر، ميون، اناج، معدني وسيلن مطلب ته هر قسم جي نعمتن سان نوازيو آهي، جيڪي وسيلا اسان کي ميسر آهن، تن کي ڏسندي اسان وٽ نه ته توانائيءَ جو بحران هئڻ گهرجي، نه ئي غذائي قلت ۽ نه ئي وري بيروزگاري يا ٻيو ڪو مسئلو، پر بدقسمتيءَ سان اهي سڀ مسئلا اڄ به پاڪستان کي لڳل آهن، ۽ انهن جي حل لاءِ ڪابه سنجيده ڪوشش اڄ تائين ٿيندي نظر نه آئي آهي. ٺلهي نعريبازي ۽ اليڪشني نعرن جي حد تائين ته چئي سگهجي ٿو ته سياسي ڌرين توانائي بحران حل ڪرڻ جي ڏيکاءَ خاطر ڪا ڪوشش ڪئي به هجي پر عملي طرح ان سلسلي ۾ ڪاريءَ وارا ڪک نظر ايندا. پاڪستان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي لڳ ڀڳ 600 ڪلو ميٽرن تي مشتمل سامونڊي پٽي آهي، جتي جي سنجيده ڪوششون ورتوين وڃن ها ته هزارين ميگا واٽ هوا مان بجلي پيدا ٿي پئي سگهي، جنهن کي ونڊ انرجي سڏجي ٿو. هالينڊ پاڪستان کان ننڍو ملڪ آهي، اتي جي سرڪار پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان جيئن ته سچي ۽ سنجيده آهي، تنهن ڪري اتي 50 هزار ميگاواٽ بجلي هوا مان پيدا ڪئي وڃي ٿي، اتان جي سرڪار ملڪي توانائيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ عوام کي سستي اگهه تي بجلي ڏيڻ کانپوءِ جيڪا بجلي بچي ٿي سا اوڙي پاڙي جي ملڪن ۾ وڪڻي پئسو ڪمائي ٿي ۽ اهو پئسو وري ملڪ اندر صحت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ تي خرچ ڪري ٿي. اسان وٽ سمنڊ ۽ ڊگهي سامونڊي پٽي هوندي به اسان اڃا تائين هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ جي تجربن ۾ ئي پورا آهيون. نه رڳو ايترو سنڌ ۾ ٿر جي علائقي ۾ هڪ سئو 75 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن. اهو ڪوئلو، جتي ٿر ۾، جي سنڌ ۾ يا ايئن کڻي چئجي ته جي پاڪستان ۾ نه پر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجي ها ته ان مان هن وقت تائين الائجي ڪيترا لک ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي چڪي هجي ها، نه رڳو بجلي پيدا ٿي چڪي هجي ها پر جنهن هنڌان اهو ڪوئلو نڪري ها، اتي جي ماڻهن جي زندگي ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ به وڏي انقلابي تبديلي به اچي چڪي هجي ها، پر ان جي ڀيٽ ۾ ڪوئلي جا هي ججها ذخيرا سنڌ جي جنهن تر ۾ آهن، اتي جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ڪا انقلابي تبديلي جيڪا آئي سان ته ٺهيو ويتر اتان جا ٻار غذائي قلت سبب موت جي منهن ۾ آيل آهن ۽ هر سال سوڪهڙي جي مند ۾ هتان جي مارو ماڻهن طرفان پنهنجو مالُ متاعُ ڪاهي بئراجي علائقن ڏانهن لڏڻ ڄڻ ته سندن قسمت ۾ لکجي چڪو آهي. نه رڳو ايترو پر اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا اڪثر علائقا سخت گرم علائقا ليکجن ٿا، جتي سيارو ٽي چار مهينا ۽ باقي سڄو سال ماڻهو مار گرمي هجي ٿي، يعني سج جي اهڙي تپش مان به ججهي بجلي تيار ڪري سگهجي ٿي، جنهن کي شمسي توانائي به سڏين ٿا، ٻيو ته پاڻيءَ مان به بجلي پيدا ڪرڻ جا وسيلا موجود آهن. اسان وٽ جيڪا به بجلي پيدا ٿئي ٿي سا پاڻيءَ مان ئي ٿئي ٿي، جنهن مان ملڪي گهرج پوري نه ٿي ٿئي. بجليءَ جي ملڪ اندر هونئن ئي کوٽ آهي، پر گرمين جي مند ۾ اها ويتري وڌي عوام جي عذابن کي ٻيڻو ڪري ڇڏي ٿي. حڪومت کي عوام جي اهنجن جو خيال ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *