ڪالا باغ ڊيم بابت سنڌي خدشن جي تصديق….!

واٽر اينڊ پاور ڊويلپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) جي چيئرمين ڪالا باغ ڊيم تي سنڌ جي خدشن کي بالڪل درست قرار ڏئي ڇڏيو  آهي. سينيٽر شميم آفريدي جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي  جو اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو. چيئرمين واپڊا مزمل حسين شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جيستائين اتفاق راءِ نه ٿيندي ڪالا باغ ڊيم تي ڪم شروع نه ڪنداسين، جيڪڏهن ڪالا باغ ڊيم تعمير ٿيو ته ان جو آپريشن سنڌ جي حوالي ڪئي وڃي، سنڌ جا خدشا درست آهن، سنڌ کي خدشو آهي ته ڪالا باغ ڊيم مان پنجاب کي پاڻي ڏنو ويندو. . واپڊا چيئرمين پاڻي کوٽ جو حل  ملڪ ۾ ڪمند جو فصل پوکڻ جي مخالفت ڪندي ڪڍيو آهي، سندس  چوڻ آهي  ته ڪمند ۽ ٻين وڌيڪ پاڻي استعمال ڪندڙ فصلن جي پوک گهٽ ڪرڻ گهرجي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ آبپاشي جي لاءِ استعمال ٿيندڙ 50 سيڪڙو پاڻي ضايع ٿي ويندو آهي، پاڻي ماپڻ جي لاءِ لڳايل ٽيلي  ميٽري سسٽم به ٽوڙيو ويو آهي، پاڪستان وٽ 30 ڏينهن جو پاڻي جو ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت آهي، ڀارت 170 ڏينهن جي لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڀارت وٽ 943 ڊيم آهن، پاڪستان وٽ رڳو 155 ننڍا وڏا ڊيم آهن، پاڻي جي چوري سڀ کان وڏو مسئلو آهي، نو لک 60 هزار ٽيوب ويلز ملڪ ۾ هلي رهيون آهن جنهن جي ڪري زمين هيٺ پاڻي گهٽ ٿي ويو آهي، نيسپاڪ ۾ 192 سفارشي ڀرتي ڪيا ويا آهن، سياسي ڀرتين جي ڪري اِهو ادارو تباهه ٿي چڪو آهي.

جي يو آءِ ف جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو  به ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جو نالو تبديل ڪري مڪو مدينو رکيو تڏهن به قبول نه هوندو،  ڪالا باغ ڊيم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، ڪالاباغ ڊيم کي سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان اسيمبليون رد ڪري چڪيون آهن، قانون موجب عدليا ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ بابت فيصلو نٿي ڏئي سگهي، جي يو آءِ ڪنهن به صورت ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ نه ڏيندي، سنڌ ۾ لکين ايڪڙ بنجر بڻجي وئي آهي، عالم سڳورن گڏيل طور تي ڪالاباغ ڊيم خلاف فتويٰ ڏني آهي، سنڌو دريا جو پاڻي ڪوٽڙي بئراج تائين نه پيو پهچي، سمنڊ 26 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي، شهيد خالد محمود سومرو ڪالاباغ ڊيم جي خلاف جدوجهد ڪري فتوا جاري ڪرائي،. جڏهن ته ان سان گڏ ڪالاباغ ڊيم خلاف احتجاجي مارچ ڪيا ويا هئا جيڪي تاريخ جو حصو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *