ڪاري سون جي مالڪن جي داد رسي ٿيڻ گهرجي

ٿر واسين جي دانهن ۽ مطالبي تي نظر وجھجي ته اُها حقِ بجانب آهي ۽ ٿر وارا ڪاري سون جي ڍِڳن ۽ ڍيرن جي مٿان ويٺل هجڻ باوجود به زندگيءَ جي بنيادي سهولتن ايتري قدر جو کاڌي پيتي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ کان به ڄڻ ته محروم آهن. بدقمستي چئجي جو ٿر ۽ اُتي جي زمين ۾ دفن لڳ ڀڳ هڪ سئو پنجهتر ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ ۽ پاڪستان ۾ آهن ۽ اُهو ئي سبب آهي جو پنجهٺ سالن کان وٺي اُهي استعمال ٿي نه سگهيا آهن. استعمال ته ڇا پر هنن جي  استعمال جي لاءِ گهربل ڪم ڪار به اڃا ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي. اِهي  ذخيرا جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجن ها ته هن وقت تائين انهن کي ٺاهي ٺوڪي نه رڳو استعمال ۾ آڻي چڪو هُججي ها، پر انهيءَ کي اهڙي ته ترقي وٺرائي وڃي ها جو اتان جي ديس جا رهواسي ترقيءَ جي ڏس ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪن ها پر اسان وٽ ٿر جا ماڻهو نه رڳو ٿر پر ڪاڇي ۽ ڪوهستان جا ماڻهو ڄڻ ته اڄ به اونداهي دور ۾ رهن ٿا. جتي اڄ به ٻن ويلن جو ڳڀو چئلينج بڻيل هجي، اڄ به عورتون ڪوهين ڏور وڃي کوهن مان گهاگهر کڻي پاڻي  ڀرينديون هجن، جتي ٻار غذائيت جي کوٽ سبب موت جي منهن ۾ هجن، جتي تعليم جو ڪو معيار نظر ئي نه اچي، جتي جا اسڪول اوطاقون ۽ اسپتالون، جانورن جا واڙا بڻيل هجن، اُتي جي ترقي الائي ته بس هٿ هٿ تي رکي ڌڻيءَ در ئي واجھائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نظر نه ٿو اچي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ وسيلن سان مالا مال آهي، تيل، گئس، ڪوئلو، سمنڊ جي ڪمائي، مطلب ته سنڌ ڪمائي ٿي ۽ باقي تڳن ٿا پر جي سنڌ جي رهواسين جي زندگيءَ تي نظر وجھجي ته بس افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. گهڻو پري ڇو وڃجي تازو ئي مثال وٺجي ته سنڌ ملڪ جي مجموعي گئس جي پيداوار جو ستر سيڪڙو پيدا ڪري ٿي پر موٽ ۾ ان جي نصيب ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ئي آيل آهي. ان کان علاوه سنڌ سرڪار رڙي رڙي وفاق کان مطالبو ڪري رهي آهي ته ايل اين جي مهانگي اگهه تي جيڪا ٻاهران گهرائي وڃي ٿي تنهنجي سنڌ کي ڪا گهرج ناهي ڇو ته سنڌ مان گئس نڪري ٿي ۽ سنڌ جي گئس جي گهرج ان جي پنهنجي ئي پيدا ٿيندڙ گئس مان پوري ڪئي وڃي. جيڪڏهن ايل اين جي گهرائي به وڃي ٿي ته اُها مهانگي اگهه تي ڀلي انهن صوبن کي ڏني وڃي جتي گئس ناهي ۽ جيڪي گئس پيدا نٿا ڪن. سنڌ اهو به خدشو ڏيکاريو آهي ته مهانگي اگهه تي گهرايل اُها ايل اين جي سنڌ جي گئس سستي اگهه تي وٺي ٻين صوبن ۾ استعمال ڪرڻ کانپوءِ سنڌ کي مهانگي اگهه تي وڪڻي ويندي. ملڪ ۾ هاڻي جيئن ته وفاق ۽ صوبن ۾ چونڊيل حڪومتون ڪم ڪري رهيون آهن، آئيني ادارا نه رڳو قائم پر متحرڪ آهن تنهنڪري ان سموري صورتحال ۾ ڪنهن به صوبي سان آئين کان هٽي ڪري، قانون کان هٽي ڪري ڪا زيادتي نه ٿيڻ کپي. ڇو ته آئين آمريتن جي دور ۾ ٽوڙيو ۽ مروڙيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن جمهوري حڪومتن جي دور ۾ آئين کي لتاڙي، غير آئيني قدم کڻي صوبن جي ڳچيءَ ۾ ڪي ڳٽ وڌا وڃن ته اُها دانشمندي نه ٿيندي. سو سنڌ جي گئس جو مسئلو هجي يا ڪوئلي جو، ان ڏانهن ڌاريائپ وارو رويو ترڪ ڪرڻو پوندو، سنڌ پوري ملڪ کي تڳائي ٿي، سنڌ جي آمدني جڏهن وفاقي ورڇ جوڳي پول ۾ جمع ٿئي ٿي ته اُتان ورڇ آباديءَ جي بنياد ٿي وڌ ۾ وڌ فائدو گهڻي آبادي رکندڙ اسٽيڪ هولڊر کي ئي ٿئي ٿو. سو نه رڳو سنڌ پر جنهن به صوبي مان جيڪي به قدرتي وسيلا ۽ معدنيات نڪري ٿي ان جو لاڀُ ان صوبي، ان علائقي ۽ اُتان جي مقامي رهواسين ۽ آباديءَ کي ضررو ٿيڻ کپي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *