ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم جو خاتمو آندو وڃي…!

 

ڏهرڪيءَ ۾هڪ هفتو اڳ رانوتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ چڪ شهبازپور ۾ ٽي جريب زمين ۽ چئن دڪانن جي تڪرار تان پسند جو پرڻو ڪندڙ ٻن ڀينرن مائي مريم زال عبدالحميد لاڙڪ ۽ مائي جميلان زال عبدالحفيظ لاڙڪ کي ڪارنهن جو الزام لڳڻ بعد لاڙڪ برادري جي سردار گل حسن لاڙڪ وٽ سام طور رکيو ويو آهي. ان ڏس ۾ نارين جي پيءُ اربيلو لاڙڪ صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ چڪ شهباز پور ۾ زرعي زمين ۽ دوڪان آهن، جڏهن ته منهنجي ڌيئرن جميلان ۽ مائي مريم تي منهنجي نياڻين جي سهري ۽ منهنجي ڀاءُ عبدالمجيد لاڙڪ زور ڀريو ته هو منهنجي ملڪيت منهنجي نالي تان ڦيرائي پنهنجي سهري جي نالي تي کاتو ڪرائي ڏين، جن پاران انڪار ڪرڻ تي منهنجي ٻنهي ڌيئرن جي مڙسن هنن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ کين گهران نيڪالي ڏئي ڇڏي، جنهن بعد منهنجي ٻنهي ڌيئرن مون وٽ پهچي مونکي پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلمن جو ٻڌايو. هن چيو ته اهڙي واقعي بعد منهنجي هڪ ڄاٽي عبدالحميد منهنجي ڌي مائي مريم مٿان ناحق ڪارنهن جو ڪوڙو الزام ڏئي کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران منهنجي ٻنهي ڌيئرن پاڙي وارن جي مدد سان رانوتي ٿاڻي تي پهچي پناهه ورتي، جنهن بعد رانوتي پوليس نارين جي مامي ارباب علي کي ٿاڻي تي گهرائي منهنجي ٻنهي ڌيئرن کي ان جي حوالي ڪيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهجون ٻئي ڌيئر ٽي ڏينهن دربدر هيون، جنهن بعد مان پنهنجي نياڻين کي پنهنجي گهر وٺي آيس ته منهنجي ڀائرن عبدالمجيد لاڙڪ قربان لاڙڪ ۽ منهنجي ڄاٽن منهنجي گهر تي ٻيهر حملو ڪري منهنجي ٻنهي ڌيئرن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڙي وارن جي بروقت پهچڻ تي منهنجو ٻئي ڌيئرون قتل ٿيڻ کان بچي ويون، جنهن بعد مون ٻنهي نياڻين کي لاڙڪ برادري جي سردار گل حسن لاڙڪ وٽ سام طور پهچايون آهن هوڏانهن ٻنهي نارين مريم ۽ مائي جميلان صحافين کي ٻڌايو ته اسان ٻنهي ڀينرن هڪ مهينو اڳ عبدالحميد ۽ عبدالحفيظ لاڙڪ سان پسند جو پرڻو ڪيو، پسند جي پرڻي بعد اسان کي مڙسن  چيو ته اسان پنهنجي پيءِ جي ملڪيت هنن جي پيءُ جي نالي تي کين کاتو ڪرائي حوالي ڪرائي ڏيون،  اسان جي انڪار ته هنن اسان مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هنن چيو ته اسان جي زندگين کي خطرو آهي، تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *