ڏڪار سٽيل ٿر ۽ سنڌ حڪومت

ٿر پارڪر ضلعي جا ڏڪار متاثر لکين ماروئڙا اڄ به سورن ۾ آهن، اسلام ڪوٽ، مٺي، ڏيپلي، ننگر پارڪر، ڇاڇري، ڏاهلي تعلقن جي 25 سئو کان مٿي ڳوٺن جا 15 لک ماروئڙا ڏڪاري حالتن سبب پريشان ٿي ويا آهن. سنڌ حڪومت پاران سار نه لهڻ توڙي ڪڻڪ جي ورهاست شروع نه ٿيڻ ڪري ٿر واسي عذاب ۾ ورتل آهن. صورتحال خراب ٿيڻ ڪري ٿر جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ خالي ٿي ويا آهن. ٿر جا غريب خاندان لڏپلاڻ ڪري بئراجي علائقن ڏينهن لڏپلاڻ ڪري وڃي رهيا آهن. مالوند ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ ڍور ڪاهي وڃي رهيا آهن. مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇري، عمرڪوٽ  جي روڊن تي مال ڪاهي ويندڙ ماروئڙن جي رش ۽ مال جون قطارون لڳل آهن. مالوند ماڻهو پيادل پنڌ ڪري ٿڪجي پيا آهن. وچ رستي ۾ چارو ۽ پاڻي نه ملڻ ڪري ويندڙ ٿري سورن ۾ آهن. کاڌ خوراڪ به اڻلڀ آهي. سفر ۾ ويندڙ ڍور پاڻي نه ملڻ ۽ چارو نه ملڻ سبب بک ۽ اڃ ۾ پاهه ٿي ويا آهن. اڪثر ڍور ٿڪجي وچ ۾ هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهن. هوڏانهن سنڌ حڪومت پاران ٿر واسين سان ڪيل واعدا پورا نه ڪرڻ توڙي ڪڻڪ جي ورهاست وارو عمل بند ڪرڻ بعد هزارين خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ڏڪاري حالتن کانپوءِ ڳوٺن ۾ کوهه کارا ٿي ويا آهن. ماڻهو پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ سخت پريشان آهن. کوهه سڪي کارا ٿيڻ ڪري ماڻهو مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن. ڳوٺ اکيراج ۾ سوين خاندان زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب معذور ٿي ويا آهن. ننڍا توڙي وڏا بسترن حوالي ٿيل آهن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڏڪار سٽل ٿر واسين جي مدد لاءِ جلد اپاءُ وٺي انهن کي رليف فراهم ڪري ته جيئن ٿر واسين جي زندگي ۾ خوشحالي اچي سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *